راولپنڊي-04 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان ڪالهه هتي ملائيشيا ج?? وزيراعظم انور ابراهيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن اسٽريٽجڪ مفادن، علائقائي سلامتي ۽ دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سڌ س??اء?? واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف ۽ ملائيشيا ج?? وزيراعظم جي ملاقات ۾ پاڪستان، ملائيشيا ٻطرفن لاڳاپن خاص ڪري فوجي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. ملائيشيا ج?? وزيراعظم علائقائي ا??ن ۽ استحڪام ۾ پاڪ فوج جي ڪردار ۽ دهشتگردي سان جنگ ۾ به پاڪستاني فوج جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ دهشتگردن خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين جو اع??را?? ڪيو. ملائيشيا ج?? وزيراعظم آرمي چيف کي ملائيشيا ج?? دوري جي دعوت ڏني جنهن تي آرمي چيف سندس ٿورو مڃيو، جڏهن ته ملاقات ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته دوري سان ٻنهي مل??ن ۽ فوج وچ ۾ پائيدار ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ايوان صدر ۾ ملائيشيا ج?? وزيراعظم جي اعزاز ۾ منعقد تقريب ۾ به شرڪت ڪئي.
پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان ملائيشيا جي وزيراعظم جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم