اسلام آب??د-05 سيپٽمبر(اي پي پي) قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ منڪي پاڪس جا ڪيس سام??ون اچڻ کانپوءِ انٽرنيشنل فلائٽس ذريعي ايندڙن لاءِ اسڪريننگ جو ??ظا?? فعال ڪيو ويو آهي، اسان وٽ ٽيسٽ جي سهولت آهي ۽ ڪٽس وڏي مقدار ۾ موجود آهن، پاڪستان مڪمل محفوظ آهي. ڪالهه سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر ذيشان خانزاده پاران ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ڊبليو ايڇ او جڏهن منڪي پاڪس بابت ايمرجنسي لاڳو ڪئي ته وزيراعظم سمورين ڌُرين جي اجلاس جي صدارت ڪري بريفنگ ورتي. ايئرپورٽس تي انٽرنيشنل فلائٽس جي اسڪريننگ جو ??ظا?? فعال ڪيو ويو آهي، هاڻ تائين 5 ڪيس سام??ون آيا آهن جيڪي پُراڻي قسم جا آهن ان مان ٻن مريضن کي آئسوليشن ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ روزاني جي بنياد تي انگ اکر جمع ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته هيءَ ڦهلجندڙ بيماري آهي، اسان وٽ ٽيسٽ جو ??ظا?? ۽ ڪٽس وڏي انگ ۾ موجود آهي، جيڪڏهن ايئرپورٽ تي ڪو ڪيس سام??ون آيو ته پوءِ ٽيسٽ کانپوءِ ان کي آئسوليشن ۾ موڪليو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان وٽ ماهر ڊاڪٽر ۽ وسيلا موجود آهن ۽ هن وقت اسان منڪي پاڪس کان محفوظ آهيون.
منڪي پاڪس جا ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ انٽرنيشنل فلائٽس ذريعي ايندڙن لاءِ اسڪريننگ جو نظام فعال ڪيو ويو آهي: اعظم نذير تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی