اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) وزيراعظم يو?? پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان سان پاڪستان جي اُڀرندڙ ريسلر اطهر زاهد ملاقات ڪ??ي جيڪو 4 آڪٽوبر تي نيپال ۾ ٿيندڙ عالمي ريسلنگ چيمپئن شپ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. ان موقعي تي چيئرمين، اطهر زاهد جي عزم ۽ محنت جي تعريف ڪئي ۽ ان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. اطهر زاهد جيڪو ڀارتي ??يسلر سنگهم دوبي سان مقابلي لاءِ پُرعزم آهي، چيو ته هو ڀرپور محنت سان پاڪستان لاءِ هي ٽائٽل کٽڻ لاءِ تيار آهي. چيئرمين، پاڪستان جي نوجوانن جي صلاحيتن تي ??عتماد جو اظهار ڪندي چيو ته نوجوان رانديگرن جي حمايت حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن هو عالمي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن. عالمي ريسلنگ چيمپئن شپ نيپال ۾ منعقد ٿيندي ۽ پاڪستاني عوام اطهر زاهد جي ڪاميابيءَ لاءِ پُراميد آهي. چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ راندين کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڪوشان آهيون ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعظم يو?? پروگرام تحت ٽيلنٽ هنٽ ??سپ??رٽس پروگرام ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان بهتري?? ٽيلنٽ کي چونڊيو ويندو ۽ ان کي بهترين تربيت فراهم ڪئي ويندي.
راڻا مشهود احمد خان ريسلر اطهر زاهد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی