اسلام آباد – 03 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عورتن جي معاشي خودمختياري جي لاءِ مالي خدمتن ۽ قرضن تائين پهچ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪاروباري عورتن جي حوصلا افزائي ۽ بئنڪنگ شعبي ۾ عورتن جي نمائندگي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ جي گروپ چيف ايگزيڪ??وٽ?? بل ونٽرز جي قيادت ۾ وفد سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته عورتن جي معاشي خودمختياري سا?? خاندانن جي خوشحالي ۽ ملڪي ترقي ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پاڪستان ماحوليات جي تحفظ ۽ ٻيلن جي فروغ جي لاءِ قدم کنيا آهن، سنڌ حڪومت مينگروز ٻيلا هنيا ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪا??بن ڪريڊٽس جي واپار سا?? پرڏيهي ناڻو حاصل ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته موسمياتي شعبي ۾ سيڙپڪاري سا?? ماحوليات جي تحفظ ۾ مدد ملندي. هن زرعي شعبي ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن خاص طور تي ننڍي ڊيمن، بيراجن ۽ پاور پلانٽس ۾ سيڙپڪاري تي زور ڏنو ۽ چيو ته بئنڪ آبادگارن جي زرعي ضرورتن تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ مالياتي خدمتون، قرض فراهم ڪري. وفد صدر کي پاڪستان جي معيشت، بئنڪنگ انڊسٽري جي ترقي ۽ ارتقائي، ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ بئنڪن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. صدر بئنڪ کي ننڍي کنڊ ۾ ڪامياب آپريشنز ج?? 160 سا?? مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته بئنڪ ملڪ جي بئنڪنگ سيڪٽر جي ارتقاءَ ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته بئنڪ ملڪ ۾ پنهنجي آپريشنز کي سگهه ڏيندي ۽ پاڪستاني معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.
ڪاروباري عورتن جي حوصلا افزائي ۽ بئنڪنگ شعبي ۾ عورتن جي نمائندگي وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش