اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران پاڪستان کي ”خصوصي ڳڻتي ??وڳو ملڪ“ قرار ڏيڻ کي واضح لفظن ۾ رد ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي ??ديد مايوسي ٿي آهي ته اهو معتصباڻو ۽ من ماني تشخيص تي ٻڌل آهي ۽ ان جو زميني حقيقت سان ڪو تعلق نه آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هڪ تڪثيري ملڪ آهي جيڪو بين المذاهب هم آهنگي جي ڀرپور روايت رکي ٿو. بيان موجب پاڪستان پنهنجي آئين موجب مذهبي آزادي کي فروغ ڏيڻ ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ وسيع پئماني تي قدم کنيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان بيان ۾ ان ڳالهه تي گهري ڳڻتي ??و اظهار ڪيو ته مذهبي آزادي جي وڏي پئماني تي ۽ مسلسل خلاف ورزي ڪ??دڙ ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نامزد فهرست مان خارج ڪيو ويو آهي. اهو عالمي مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪ??يشن (يو ايس سي آئي آر ايف) جي واضح سفارشن سان گڏوگڏ عالمي انساني حقن جي ڌرين پاران مذهبي اقليتن سان ڀارت جي اڻوڻندڙ سلوڪ بابت اٿاريل عوامي خدشن جي باوجود آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان کي يقين آهي ته اهڙي طرح جون امتيازي، هڪ طرفي ۽ موضوعي مشقون نقصانڪار آهن ۽ عالمي سطح تي مذهبي آزادي کي اڳتي وڌائڻ جي اسان جي گڏيل مقصد کي نقصان پهچائين ٿيون. بيان موجب پاڪستان ان ڳالهه تي پختو يقين رکي ٿو ته مذهبي عدم برداشت، زينو فوبيا ۽ اسلامو فوبيا جي موجوده چئلينج جو مقابلو گڏيل افهام تفهيم ۽ احترام جي بنياد تي ??عميري مشغو??يت ۽ گڏيل ڪوششن جي ذريعي ڪري سگهجي هو، انهي جذبي سان پاڪستان ٻط??في طور تي ??مريڪا سان انگيج آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي ”خصوصي ڳڻتي ??وڳو ملڪ“ قرار ڏيڻ بابت پاڪستان جي خدشن کان آمريڪا کي آگاهه ڪيو پيو وڃي.
پاڪستان آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران پاڪستان کي ”خصوصي ڳڻتي جوڳو ملڪ“ قرار ڏيڻ کي واضح لفظن ۾ رد ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت