اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) سعودي عرب، قطر، گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت سا?? مفاهمتي ياداشتن کي تيز رفتاري سا?? معاشي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪميٽي ڊوميسٽڪ ڊسپيوٽ ريزوليوشن جي طريقيڪار کي مضبوط بڻائڻ سميت سيڙپڪارن کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ مختلف پاليسي سازي جي منظوري ڏني، ڪميٽي سيڙپڪارن کي خاص طور تي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر جي ترقي کي تيز ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي، ڪميٽي اسمگلرن ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف ڪارروائي جاري ??کڻ جي پختي عزم جو پڻ اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو اٺون اجلاس ٿيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف، وفاقي ڪابينا، صوبائي وڏن وزيرن ۽ اعليٰ سطح جي سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزارتن اهم شعبن ۾ منصوبن تي اڳڀرائي ۽ متوقع سيڙپڪاري جي وقت سر تڪميل جي حوالي سا?? اجلاس کي آگاهه ڪيو. ڪميٽي ايس آئي ايف سي تحت مختلف شعبن ۾ حاصل ٿيندڙ مجموعي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڪميٽي سعودي عرب ۽ قطر سا?? ٻطرفي سيڙپڪاري جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ سا?? گڏوگڏ گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت سا?? مفاهمت جي ياداشتن ۽ فريم ورڪ معاهدن تي صحيحن سميت دوست ملڪن سا?? معاشي رابطن ۾ اضافي کي ساراهيو. فورم انهن مفاهمتي ياداشتن کي تيز رفتاري سا?? معاشي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي نجڪاري تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ۽ مختلف اهم هدفن جي وقت سر تڪميل ۾ مختلف ڌرين جي گڏيل تعاون کي ساراهيو ۽ رفتار کي برقرار ??کڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي سيڙپڪاري جي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ کنيل مختلف قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ ڊوميسٽڪ ڊسپيوٽ ريزوليوشن جي طريقيڪار کي مضبوط بڻائڻ سميت سيڙپڪارن کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ مختلف پاليسي سازي جي منظوري ڏني. ڪميٽي سيڙپڪارن کي خاص طور تي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر جي ترقي کي تيز ڪرڻ تي پڻ اتفاق راءِ ڪيو. ڪميٽي معيشت جي اهم شعبن ۾ اڀرندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ انساني وسيلن جي ترقي جي لاءِ جاري ??مو??يتي موقف کي ساراهيو. ڪميٽي اسمگلرن ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف ڪارروائي جاري ??کڻ جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. آرمي چيف ملڪ جي معاشي بحالي جي لاءِ حڪومتي قدمن جي حمايت جي لاءِ پاڪ فوج جي اڻٿڪ عزم جي خاطري ڪرائي. آخر ۾ نگران وزيراعظم سمورين ڌرين کي هدايت ڪئي ته اهي ايس آئي ايف سي جي مختلف قدمن کي ڀرپور طريقي سا?? اڳتي وڌائين ته جي??ن مقرر مدي جي اندر انهن جي تڪميل کي يقيني بڻائي سگهجي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل