اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته موسمياتي تبد??لي پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي، پاڪستان جو عالمي سطح تي موسمياتي تبد??لي وڌائڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبد??لي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ 28 هين گڏيل قومون ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ – 28 جي حوالي سان بين الوزا??تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي، پرڏيهي معاملن، توانائي، موسمياتي تبديلي، منصوبابندي وارن نگران وفاقي وز??رن ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وز??راعظم چيو ته ماحولياتي تبد??لي پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي، پاڪستان جو عالمي سطح تي موسمياتي تبد??لي وڌائڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبد??لي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته گذريل سال موسمياتي تبد??لي جي نتيجي ۾ پاڪستان جي ٽيون حصو آبادي ٻوڏ کان متاثر ٿي، پاڪستان پنهنجي ماحولياتي سفارتڪاري سان عالمي ماحولياتي بحث ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نگران وز??راعظم هدايت ڪئي ت?? ڪوپ – 28 ۾ ڪلائميٽ فنانس ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي پاڪستان جو موقف بهتر انداز ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ ادارا ڀرپور تياري ڪن. نگران وز??راعظم دبئي، گڏيل عرب امارات ۾ ٿيندڙ 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي پهرين ۽ 2 ڊسمبر تي اعليٰ سط?? جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.
موسمياتي تبديلي پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون