اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪست??ن جي گادي واري شهر تاشقند ۾ 16 ه??ن اي سي او سربراهي اجلاس ۾ علائقائي ترقي، رابطن ۽ گڏيل خوشحالي ج?? اي سي او جي هدفن جي لاءِ پاڪست??ن جي عزم جو ورجاءُ ??يو. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وزيراعظم تنظيم جي مستقبل جي ڪم ۽ علائقائي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي ج?? فروغ لاءِ پاڪست??ن جو ويزن پيش ڪيو. هن چيو ته نگران وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات جي بنيادي ڍانچي ج?? ترقي ۽ پائيدار اقت??اد?? ترقي ج?? لاءِ علائقائي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم اسرائيلي قابض فوج پاران غزه تي مسلسل بمباري ج?? شديد مذمت ڪئي ۽ فلسطين مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي ج?? لاڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته وڌندڙ عدم رواداري، زينو فوبيا ۽ اسلامو فوبيا تي عالمي ڌي??ن جي ضرورت آهي. هن اسلامو فوبيا جي رجحان ۾ اضافي ج?? خلاف سياسي ۽ قانوني روڪٿام ۽ گڏيل احترام، ب??ن المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل پرامن بقاءَ کي فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي نگران وزيراعظم آذربائيجان ۽ ازبڪست??ن جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. هن اي سي او جي سيڪريٽري ج??رل سفير خسرو نوزيري سان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، علائقائي رابطن ۽ ترقي کي فعال طور تي فروغ ڏيڻ ۽ هڪ تنظيم طور اي سي او کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو.
نگران وزيراعظم تاشقند ۾ 16 هين اي سي او سربراهي اجلاس ۾ علائقائي ترقي، رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي اي سي او جي هدفن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش