اسلام آباد – 01 – نومبر (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جاپان ڊف??نس فورسز ڊي 2023ع جي موقعي تي جاپان حڪومت ۽ جاپان جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ جاپان جا دفاعي لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آهن. اها ڳالهه هن 69 هين جاپان ڊف??نس فورسز ڊي 2023ع جي موقعي تي جاپان جي سفير واڊا مٽسوهيرو پار??ن ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت جي موقعي تي چئي. آجياڻي ۾ عسڪري عملدارن، نگران وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، سفارتڪارن سميت ٻين ماڻهن شرڪت ڪئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته جاپان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دفاعي مٽاسٽا ۾ اڳڀرائي ڏس?? خوشي ٿي آهي. ان موقعي تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير پاڪستان ۾ مقرر جاپان جي سفير ۽ ٻين سان گڏ 69 هين جاپان ڊف??نس فورسز ڊي 2023ع جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج