اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته هاڪي جي رانديگرن کي عالمي مقابلن جي تياري جي لاءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، هاڪي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ان جو وڃايل مقام ڏيارينداسين. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ پاڪستان هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اصلاح الدين صديقي سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاق??ت ۾ اصلاح الدين صديقي نگران ??زي??اعظم کي پنهنجي سوانح عمري ??ڊي?? ٿرو مائي لائيف“ پيش ڪئي. ملاق??ت ۾ پاڪستان ۾ هاڪي جي موجوده صورتحال، ان جي بحالي ۽ فروغ جي لاءِ قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اصلاح الدين صديقي گذريل رات هاڪي چيمپيئن شپ پڄاڻي واري مئچ ۾ نگران ??زي??اعظم جي شرڪت تي سندس ٿورا مڃيا. اصلاح الدين صديقي رانديگرن جي حوصلا افزائي تي نگران ??زي??اعظم کي ساراهيو. نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستاني هاڪي ٽيم ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين هاڪي جي ميدانن ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو آهي. قومي راند هاڪي جي پاڪستان ۾ موجوده صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، پاڪستان ۾ هاڪي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ان جو وڃايل مقام ڏياري رهنداسين. هن چيو ته اصلاح الدين صديقي جهڙا ليجينڊ پاڪستان جا اصل هيرو آهن، حڪومت نوجوانن ۾ هاڪي جي فروغ لاءِ هر ممڪن ??دم کڻندي. نگران ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته هاڪي جي رانديگرن کي عالمي مقابلن جي تياري لاءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
هاڪي جي رانديگرن کي عالمي مقابلن جي تياري جي لاءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد