بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سي ??يڪ کي پاڪ چين دوستي جي لاءِ سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل 10 سالن ۾ سي ??يڪ جا ثمر معاشي ترقي جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن، سي ??يڪ سان پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي سان گڏوگڏ خطي ۾ مواصلاتي رابطن کي فروغ ملندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار چائنا ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سڊڪا) جي چيئرمين لئو زائو هوئي سان ملاقات دوران ڪيو. نگران وزيراعظم سي ??يڪ جي حصيداري ۽ رابطا وڌائڻ جي ويزن کي ساراهيندي چيو ته ان جا ثمر گذريل 10 سالن ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي جي صورت ۾ حاصل ٿيا. نگران وزيراعظم چيو ته سي ??يڪ پاڪ چين دوستي جي تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، جنهن سان نه رڳو پاڪستان ۾ معاشي ترقي ۽ خوشحالي ٿيندي پر خطي ۾ مواصلاتي رابطن ۽ مجموعي ترقي کي فروغ ملندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ لئو زائو هوئي چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سي ??يڪ تحت زراعت، صحت، تعليم، پيشيواراڻي تربيت، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ غربت جي خاتمي بابت تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. لئو زائو هوئي چين جي گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي لاءِ نگران وزيراعظم جي تجويز جي آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ سڊڪا جي وچ ۾ حصيداري خاص طور تي ان تحت پاڪستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن کي ساراهيو. سڊڪا جي چيئرمين لئو زائو هوئي نگران وزيراعظم کي پنهنجي اداري پاران سي ??يڪ جي ڊگهي مدي وارن منصوبن کي مڪم?? ڪرڻ ۾ مدد جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران سي پيڪ پاڪ چين دوستي جي لاءِ سنگ ميل قرار
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina