اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڄ ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي هڪطرفي ۽ غيرقانوني طور تي منسوخ ڪندي چار سال گذري چڪا آهن، ان وقت کان وٺي هيست??ئي?? ڀارت ڪشميري عوام کي دٻائڻ جي لا??ِ طاقت ۽ تشدد جي وحشياڻي استعمال جو سهارو ورتو آهي، ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي لا??ِ قدمن جو هڪ سلسلو پڻ شروع ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف استحصال ڏهاڙي (5 آگسٽ) جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کي ڪمزور ڪرڻ جي لا??ِ ڪشميري آبادي ۾ تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪئ?? آهي. ڀارت جا تازا قدم ڪشمير جي مسلمان اڪثريتي آبادي کي راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ جي ڪڌي ڀارتي ارادي جي نشاندهي ڪن ٿا. هن چيو ته ان مقصد جي لا??ِ ڀارتي عملدارن چونڊ تڪن جي چونڊ حدبندي ڪئ?? آهي، لکين غيرڪشميرين کي جعلي ڊوميس??ئي?? جاري ڪيا آهن ۽ موجوده ووٽر فهرستن ۾ ڦيرڦار جي لا??ِ لکين عارضي رهواسين کي پڻ شامل ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اهي سمورا قدم ڪشمير جي آبادي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جي سوچيل سمجهيل ڀارتي حڪمت عملي جو جز آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان اهڙن سمورن هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي رد ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي وحشياڻو قبضو نه رڳو عالمي قانونن جي خلاف ورز?? آهي پر بنيادي انساني حقن جي عالمي سطح تي مڃيل اصولن جي پڻ توهين آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جاري رکيو آهي. ان مسئلي تي عالمي برادري کي وڌيڪ خاموش نه رهڻ گ??رج??. وزيراعظم چيو ته ڀارت 7 ڏهاڪن کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي قابض آهي ۽ ان عرصي ۾ فوجي گهيراءُ ۽ ميڊيا بليڪ آئوٽ جا چار سال به شامل آهن. انهن سمورن عملن جي باوجود ڀارت بهادر ڪشميري عوام کي خاموش ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ ڪشميرين جي آزادي جي لا??ِ منصفاڻي جدوجهد وڌيڪ تيز ٿي وئ?? آهي ۽ هڪ ٻئي پٺيان بيگناهه ڪشميرين جا ٽي نسل آزادي جي لا??ِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري چڪ?? آهي. وزيراعظم چيو ته ان جي باوجود اڄ به ڪشميري عوام ڀارتي قابض فوج جي وڌندڙ ڏاڍ جو مقابلو ڪري ره?? آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان انهن بهادر ڪشميري مردن ۽ عورتن کي سلام پيش ڪري ٿو ۽ انهن کي ڀارتي قبضي کان آزادي جي جدوجهد ۾ پنهنجي مسلسل حمايت جو يقين ڏياري ٿو. هن چيو ته ڀارت ڪشميري عوام، عالمي برادري ۽ گڏيل قومن سان پنهنجي واعدن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اها ناڪامي ڀارت جي هڪ ذميوار ميمبر رياست طور تي موقف کي سواليه نشان بڻائي ٿي. هن چيو ته ڀارت جو ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ کان انڪار هن پوري خطي جي لا??ِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد جي جائز ۽ منصفاڻي مقصد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، اهو پاڪستان جو پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان واعدو آهي ته اسان انهن جو آواز هر فورم تي ان وقت ت??ئي?? کڻي وينداسين جيست??ئي?? عالمي برادري ان مسئلي تي ايڪشن نه ٿي وٺي. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري جي ذميوار?? آهي ته ڀارت تي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ والاريل ڄمون۽ ڪشمير تي 5 آگسٽ 2019ع کان هيست??ئي?? هڪطرفو ۽ غيرقانوني قبضو ختم ڪرڻ جي لا??ِ زور ڏنو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڏکڻ ايشيا جا ماڻهو امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهن ۽ اهو ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بامعنيٰ مشاورت ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ان ڳالهه ٻولهه ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت ٻين مسئلن تي ڳالهه ٻولهه شامل آهي.
ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ قدمن جو هڪ سلسلو پڻ شروع ڪيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania