اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن خصوصي اقتصادي زون جي پيڙهه جو پٿر رکي سڄي ملڪ ۾ راندين جي ترقي ۽ نوجوانن کي راندين ۾ عالمي معيار جي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ وزيراعظم يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جو آغاز ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم يوٿ اسپورٽس ترقياتي قدمن تحت وزيراعظم پاڪستان ۾ راندين کي عالمي مقابلن جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ راندين جي ترقي ۽ را??دي??رن جي لاءِ اسپورٽس انڊوومنٽ فنڊ جا??ي ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي، بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ را??دي??رن جي مدد لاءِ ايليٽ اسپورٽس پرسن ڊيولپمينٽ پروگرام ۽ مقامي را??دي??رن سان گڏو عالمي سطح تي تيزي سان سهرت ماڻيندڙ اي – اسپورٽس جي فروغ جا قدم پڻ جا??ي ڪندو. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم اڄ اسلام آباد ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي موبائيل فونز جي لاءِ عاضي رجسٽريشن نظام جا??ي ڪندو. سمنڊ پار پاڪستانين جي نشاندهي تي انهن جي پاڪستان ۾ قيام دوران ذاتي موبائيل فون تي ٽيڪس جي مدي کي 3 مهينن مان وڌائي 120 ڏينهن ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي لاءِ هڪ خودڪار نظام جا??ي ڪيو پيو وڃي جيڪو انهن جي آءِ ايم اي آئي کي پاڪستان جي عارضي دورن جي دوران بلاڪ ٿيڻ ۽ انهن کي اضافي ٽيڪس جمع ڪرائڻ کان بچائيندو. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو. وزيراعظم اڄ اسلام آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون جي پيڙهه جو پٿر رکندو. اسلام آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملڪ جي صنعتي ترقي جي ويزن موج?? ملڪ جي اترئين حصي ۾ مقامي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن کي صنعتون قائم ڪرڻ جو موقعو ڏيندو. ان خصوصي زون سان روزگار جا 10 هزار کان وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندي. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.
وزيراعظم اسلام آباد ۾ خصوصي اقتصادي زون جي پيڙهه جو پٿر رکي يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جو آغاز ڪندو
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ