ڪراچي – 15 جون (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سامونڊي ??وفان بائپرجوائي جي نقصان جي خدشي سبب امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن مان ماڻھن کي رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آھي، ڪراچي ۾ ماڻھو سمنڊ ڪناري جو رُخ نه ڪن ۽ حڪومتي ادارن جي ھدايتن تي عمل ڪرڻ ۾ سھڪار ڪن. سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي صحافين سان ڳالھائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪنھن به ايمرجنسي جي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ ريسڪيو 1122 موجود آھي، پاڻي جي نيڪال لاءِ مشينون گھرايون ويون آھن، (اڄ) جمعي تي تيز مينھن جي اڳڪٿي آھي، ھنگامي صورتحال ۾ عوام لاءِ ايمرجنسي نمبر جاري ڪيا ويا آھن. ھن چيو ته ٺٽي، بدين ۽ سجاول جي سامونڊي ??لائقن مان 78 ھزار کان وڌيڪ ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪيو ويو آھي، 93 سيڪڙو آبادي محفوظ ھنڌن تي منتقل ٿي چُڪي آھي، سامونڊي ??لائقن ۾ پاڻي ڳوٺن ۾ داخل ٿي چُڪو آھي، حڪومت جي وقت سِر انتظامن سبب ڪوبه وڏو نقصان ناهي ٿيو، ٺٽي ضلعي ۾ ماڻھن کي رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آھي. ھن شھرين کي گذارش ڪئي ته ماڻھو ڪراچي جي سمنڊ ڏانھن رُخ نه ڪن ۽ حڪومت س??ن سھڪار ڪن. ڪراچي ۾ ميئر جي ??ون?? جي حوالي سان ڳالھائيندي شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي جا ماڻھو نفرت جي سياست کي دفنائڻ وڃي رھيا آھن، جماعت اسلامي جھڙي فاشسٽ پارٽي شاگردن جي ھٿن ۾ ھٿيار ڏنا، جماعت اسلامي چاھي پئي ته پيپلز پارٽي کين پي ٽي آءِ جا ووٽ ڏياري، جمھوري روايتن موجب اسان رڳو پنھنجي لاءِ ووٽ گھري سگھون ٿا، ڪنھن ٻئي لاءِ نه، پي ٽي آءِ جا ماڻھو پنھنجن گھرن ۾ موجود آھن جيڪڏھن اُھي ووٽ نه ٿا ڏين ته اسان ڇا ٿا ڪري سگھون. اسان ڪراچي کي وڏيون وڏيون رٿائون ڏنيون، اھوئي سبب آھي ته ماڻھو پيپلز پارٽي کي چاھين ٿا، جماعت اسلامي ٻڌائي ته هنن ڪراچي کي ڇا ڏنو آھي.؟ ھن چيو ته جيڪڏھن پي ٽي آءِ وارا اسان جي ڳالھه ٻڌن ھا ته اسان کي ووٽ ڏين ھا، حافظ نعيم جي لاءِ ڪيئن ووٽ گھرون، ھُو سمجھي ٿو ته جيڪڏھن ڪنھن حافظ نعيم کي ووٽ نه ڏنو ته اُن کي روڪيو ويو ھوندو. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته جماعت اسلامي کي شڪست ٿي چُڪي آھي، مرتضيٰ وھاب کٽي چُڪو آھي، جماعت اسلامي جيڪڏھن غنڊا گردي ڪندي ته ڪنھن کي به قانون ھٿن ۾ کڻڻ نه ڏنو وين??و، پرامن احتجاج قانون جي دائري ۾ رھي ڪيو وڃي، ڪنھن ڀڃ ڊاھه ڪئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو ۽ حڪومت ڪنھن کي قانون ھٿن ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏيندي. ڪراچي جي ميئر طور مرتضيٰ وھاب جي ??ون?? جي خبر بعد سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سان گڏ ميڊيا سان ڳالھائيندي شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته جيڪو کٽڻ وارو ھوندو آھي ، اُھو ڪڏھن به ناھي وڙھن??و، جماعت جي طرفان بسون ڀري غنڊا گھرايا ويا، گاڏين تي پٿراءُ ڪيو ويو، 10 ماڻھو زخمي ٿيا. ھن چيو ته پيپلز پارٽي سدائين پرامن سياست ڪئي آھي، پيپلز پارٽي ڪڏھن به ڪنھن تعصب پرستي جو مظاھرو ناھي ڪيو، پر جماعت اسلامي جيڪو ڪجھ ڪيو آھي اھو مذمت جوڳو عمل آھي. ھن چيو ته ڪنھن به گڙٻڙ يا غنڊا گڙدي جي ڪوشش ڪئي ته قانون حرڪت ۾ اين??و، پي ٽي آءِ وارن جماعت اسلامي کي ووٽ نه ڏنو ته پيپلز پارٽي کي به نه ڏنو، ھڪ ڳالھه بلڪل چٽي آھي ته مڪاني ??ون??ن ۾ جماعت اسلامي کي شڪست ٿي آھي. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته تحريڪ انصاف جو چيئرمين اڄ ڪلھه چِلو ڪاٽي رھيو آھي، ھن ماڻھن جي ذھنن سان راند ڪئي، ماڻھن سان غلط ڳالھيون ڪيون ۽ ڪوڙ ڳالھايو، اڄ اُن شخص جي ڪري ماڻھو جيلن ۾ پيا آھن. ھن چيو ته اسان کي جيل ۾ قيد ماڻھن سان ھمدردي آھي، ڪوبه دھشتگرد پيدا ناھي ٿيندو اُن کي گمراھ ڪري اُن دڳ تي آندو ويندو آھي.
سامونڊي طوفان بائپرجوائي جي نقصان جي خدشي سبب امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن مان ماڻھن کي رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آھي، ڪراچي ۾ ماڻھو سمنڊ ڪناري جو رُخ نه ڪن ۽ حڪومتي ادارن جي ھدايتن تي عمل ڪرڻ ۾ سھڪار ڪن: شرجيل انعام ميمڻ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام