اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اقتدار ۾ رهي ۽ اقتدار کان ٻاهر پنهنجي اعمالن ۽ حرڪتن سان سدائين ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻيو آهي، هن سعودي عرب جي ڏنل گهڙيءَ وڪرو ڪئي، سائفر جو ڪوڙ ڳالهايو، قومي ادارن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملا ڪرايا ۽ ملڪ جي بدنامي جو مرتڪب ٿيو، 9 مئي جي سانحي جي ڏوهه جي مذمت ڪافي نه آهي، عمران خان ڏوهه جو اعتراف ڪري ۽ ذميواري قبول ڪري، مذمت سان 9 مئي جو ڏوهه لڪي نٿو سگهي ۽ نه ئي ڏوهاري. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان تسليم ڪري ته 9 مئي جي کليل د??شت??ردي ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي جي پٺيان توهان ماسٽر مائنڊ هئا ۽ توهان منصوبابندي ڪئي، اسپتالون، اسڪول، مسجدون، ايمبولينس ۽ ڪور ڪمانڊر جو گ??ر ساڙڻ جي منصوبابندي توهان ڪئي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان مذمت نه ڪري، د??شت??ردي جي مرڪز زمان پارڪ ۾ لڪل د??شت??رد قانون جي حوالي ڪري. هن چيو ته پوليس تي پيٽرول بم، گوليون ۽ پٿر اڇلائيندڙ رڳو مذمت ڪري جان نه ٿا ڇڏرائي سگهن. رياست تي حملو ڪندڙن کي ??زا ڏيڻ دنيا ۾ ڪنهن انساني حق جي خ??اف ورزي نه آهي. هن جو چوڻ هو ته اسپتالن، اسڪولن ۽ مريضن تي حملو ڪري ايمبولينسون ساڙڻ انساني حقن جون خ??اف ورزيون آهن، انهن ڪاررواين ۾ ملوث وحشين کي ??زا ڏيڻ انساني حقن جي خ??اف ورزي نه آهي. مريم اورنگزيب چيو ته فاشسٽ جي هٿان نُنهن، ڌيئرن ۽ پٽن کي ڪوڙن ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ انساني حقن جي خ??اف ورزي هئي، طيبه گل کي اغوا ڪري وزيراعظم هائوس ۾ رکڻ انساني حقن جي خ??اف ورزي هئي، صحافين کي سچ ڳالهائڻ تي قيد ڪرڻ، گوليون هڻڻ، اغوا ڪرڻ ۽ انهن جون پاسراٽيون ۽ نڪ جون هڏيون ٽوڙڻ انساني حق جي خ??اف ورزي هئي، هزاره برادري جي مظلوم شهيدن جي پونئيرن کي ”جنازن سان بليڪ ميل نه ٿيندس“ چوڻ انساني حقن جي خ??اف ورزي هئي.
عمران خان اقتدار ۾ رهي ۽ اقتدار کان ٻاهر پنهنجي اعمالن ۽ حرڪتن سان سدائين ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : números quina hoje