اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏ??ل عرب امارات جي واپارين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري جي بي پناهه موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن، پاڪ??تا?? 22 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي جي مارڪيٽ آهي، جتي توانائي، انفراسٽرڪچر، اي ڪامرس، زرعي صنعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ا??هن جا منتظر آهيون. خليج ٽائيمز کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 22 – 2021ع دوران 25.40 سيڪڙو جي اضافي سان گڏ 10 ارب 60 ڪروڙ ڊالر هو، جيتوڻيڪ ٻطرفي واپار جي اها سطح هاڻي به ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي صحيح عڪاس نه آهي، اسان پنهنجي موجوده اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي اقتصادي لاڳاپن کي بهترين سياسي لاڳاپن جي برابر آڻڻ جي لاءِ اقتصادي تعاون جا نوا?? رستا ڳولي رهيا آهيون. انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ فنانشل ٽيڪنالاجي شعبن ۾ تمام گهڻي صلاحيت سان گڏ تعاون جي گنجائش آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪ??تا??ين جي بحالي لاءِ گڏ??ل عرب امارات جي حڪومت ۽ ان جي قيادت جي قدمن تي ا??هن جا ٿورا مڃون ٿا. گڏ??ل عرب امارات ۾ 17 لک پاڪ??تا??ي عزت ۽ احترام سان پنهنجو روزگار ڪمائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهيان پاڪ??تا?? ۽ گڏ??ل عرب امارات جي وچ ۾ دوستي جو بنياد رکيو، ان جي خواهش هئي ته پاڪ??تا?? جو شمار سرگرم خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ ٿئي، اسان ان جي درياهه دلي ۽ سخاوت کي وڏي عرصي تائين ياد رکنداسين. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۾ تازي ٻوڏ کانپوءِ ابوظهبي ۽ پاڪ??تا?? جي وچ ۾ اسلام آباد ۽ سنڌ صوبي جي شهر ڪراچي، بدين، شڪارپور ۾ امدادي سامان جي پهچ جي لاءِ هڪ هوائي پل قائم ڪئي وئي. نومبر 2023ع ۾ گڏ??ل قومن جي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس سي او پي 28 جي ميزباني ۾ گڏ??ل عرب امارات جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته پنهنجي موسمياتي سفارتڪاري جي حصي طور پاڪ??تا?? عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي تي بحث، ڳالهين ۽ عمل ۾ تعميري تعاون جاري رکندو.
گڏيل عرب امارات جا واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي بي پناهه موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino