اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي 51 هين قومي ڏهاڙي جي موقعي تي گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل ورثي ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل آهن، پاڪستان جي عوام گڏيل عرب امارات کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿي. اها ڳالهه هن گڏيل عرب امارات جي 51 هين قومي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب ۾ ڳالهائيندي چئي. اطلاعا?? واري وفاقي وزير پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران يو اي اي جي سفير کي خيرسگالي ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا اسان جي ٻطرف?? لاڳاپن ??و اهم حصو آهن، يو اي اي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي جنهن جو پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي غيرملڪي سيڙپڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن ??ي وڌ??ڪ مضبوطي جي لاءِ ??عا??و آهيون. تقريب ۾ گڏيل عرب امارات جو قومي ترانو ۽ روايتي رقص پڻ پيش ڪيو ويو جڏهن ته پارليامينٽ ميمبر، سياسي اڳواڻن سميت مختلف ملڪن جا سفارتڪار به ان موقعي تي موجود هئا. يو اي اي جي سفير پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻ?? لاڳاپن ??ي اهميت کي اجاگر ڪيو.
مريم اورنگزيب پاران يو اي اي جي 51 هين قومي ڏهاڙي جي موقعي تي گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن