اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جي حفاظت ۾ جانين جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شهيدن جي گهرڀاتين ??ان ڳالهائيندي ڪيو. صدر هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شه??د ٿيندڙ ميجر منيب افضل جي والد ۽ ميجر خرم شهزاد جي ڀاءُ ??ان تعزيت ڪئي. صدر حادثي ۾ شه??د ٿيندڙ صوبيدار عبدالواحد، نائيڪ جليل انجم، سپاهي محمد عمران ۽ سپاهي شعيب خان جي گهرڀاتين ??ان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي اتر وزيرستان ۾ حملي ۾ شه??د ٿيندڙ صوبيدار جاويد اقبال ۽ نائيڪ حسين احمد جي پونئيرن ??ان پڻ تعزيت ڪئي. صدر ڏکڻ وزيرستان ۾ فائرنگ ??ان شه??د ٿيندڙ نائيڪ عبدالرشيد ۽ سپاهي رسول بادشاهه جي گهرڀاتين ??ان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته ملڪ جي حفاظت ۾ جانين جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
ملڪ جي حفاظت ۾ جانين جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل