اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پائيدار حل جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ اضافو ڪري، ڪشميري عوام عالمي ضمير کي ان وقت تائين جنجهوڙ??ند?? رهندي جيستائين انهن جي محرومين جو ازالو نه ٿو ٿئي. پرڏيهي وزارت ۾ ڄمون ۽ ڪشمير تي منعقد او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ ڳالهائ??ند?? پرڏيهي وزير چ??و ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو بنيادي اصول آهي، پنهنجي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جو حق، آزادي جو نچوڙ ۽ انساني وقار جي لاءِ اه?? آهي، بدقسمتي سا?? ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي اڃا تائين ان ناقابل تنسيخ حق تائين پهچ حاصل ناهي ٿي سگهي، ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي غيرقانوني طور تي لهڻ کانپوءِ ڪشميري گذريل 70 سا??ن کانوڌيڪ عرصي کان انتهائي ڏاڍ ۽ ظلم ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. پرڏيهي وزير چ??و ته عالمي قانون جي بنيادي اصولن، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي کي منهن ڏ??ند?? ڪشميري عوام عالمي ضمير کي ان وقت تائين جهنجهوڙ??ند?? رهندي جيستائين انهن جي محرومين جو ازالو نه ٿو ٿي وڃي، انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون، اخلاقي ڏيوالپڻو ۽ خوفناڪ ظلم اڄ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي حقيقت کي نمايان ڪن ٿا. 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجين جي موجودگي ڪشمير جي جنت نظير واديءَ کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀارتي قدمن کانپوءِ رياستي ڏاڍ ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو آهي جڏهن ته وحشياڻي فوجي گهيراءُ، بٽي لاڪ ڊائون ۽ ڪورونا وبا جي ڪري اضافي پابندين انهن مصيبتن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي، افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته عالمي قانون ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي ڪندي غيرقانوني آبادياتي تبديلين جي ذريعي ڪشمير ۾ مسلمان اڪثريت کي پنهنجي ئ?? سرزمين ۾ اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، هيستائين 4.2 ملين جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ اهڙن ماڻهن کي جاري ڪيا ويا آهن جن جو تعلق ڪشمير سا?? نه آهي. هن چ??و ته ڪشميرين جي خلاف ڀارت جي رياستي دهشتگردي انساني حقن جي صورتحال بابت وڌندڙ عالمي خدشن کي وڌيڪ هوا ڏني آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم جي شرح ۾ تيزي سا?? اضافو ٿيو آهي. هن چ??و ته ڀارت گڏيل قومن جي خصوصي، آزاد انساني حقن جي مبصرن ۽ عالمي ميڊيا کي والاريل علائقي تائين پهچ ڏيڻ کان مسلسل انڪار ڪري رهيو آهي ته جيئن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ زميني صورتحال جي آزاداڻي جائزي کان بچي سگهي.
او آءِ سي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پائيدار حل جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ اضافو ڪري: پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج