اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته مخالف ڌر حڪومت ڪيرائڻ جون 13 ڀيرا ناڪام ڪوششون ڪيون، اسان کي عدم اعتماد جي رٿ نه، اهي ماڻهو جيلن ۾ نظر اچي رهيا آه??، شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو، مريم نواز پ??ڪس??ان جي اونداهي علامتون آه??، انهن جو ڪو مستقبل نه آه??، اهي ماضي جا ماڻهو آه??، وفاقي ڪابينا اهم شخصيتن خاص طور تي عورتن تي الزامن ۽ انهن جي خلاف سوشل ميڊيا تي گهٽيا الزام هڻڻ جي سلسلي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي تدارڪ جي لاءِ قانونسازي تي زور ڏنو آه??، ڪابينا عالمي ڪمپني پيوجيوٽ کي پ??ڪس??ان ۾ گاڏين جي ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون گاڏيون ٽيسٽنگ جي لاءِ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کانسواءِ انساني همدردي جي بنياد تي 34 هزار 500 ميٽرڪ ٽن مڱ دال ورلڊ فوڊ پروگرام تحت افغانستان برآمد ڪرڻ، سعودي عرب سان 821.8 ملين ڊالر قرضن جي ملتوي ادائيگي جي معاهدي جي منظوري ڏني، 2027ع تائين مجموعي طور تي اٽڪل چار ارب ڊالر جون ادائيگيون ملتوي ٿي وينديون جيڪي ملڪي ترقي جي لاءِ استعمال ڪري سگهبيون، ڪابينا وفاقي حڪومت جي گريد 1 کان 19 تائين جي ملازمن ۽ ايف سي ۽ رينجرز جي لاءِ 15 سيڪڙو ڊسپيريٽي ريڊيڪشن الائونس 2022ع جي منظوري ڏني آه??. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وفاقي وزير علي حيدر زيدي جي والد، خاص معاون ثانيه نشتر جي والده ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خيال زمان مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئ?? وئي. هن ٻڌايو ته ڪابينا وفاقي حڪومت ۽ اعليٰ عدليه جي وچ ۾ ملڪي معاملن تي مشاورت ڪرڻ جي لاءِ فورم قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آه??. ان فورم جي موجودگي ۾ اهم انتظامي معاملن ۾ غيرضروري التوا ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهم التوا هيٺ معاملن ۾ ٽيڪس جي ڪيسن، سيڙپڪاري، انتظامي مقررين تي اسٽي آرڊر جهڙا اهم ڪيس شامل آه?? جن جي ڪري ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان کڻڻو پوي ٿو. هن وقت ايف بي آر جي 300 ٽريلين رپين ۽ ريگيوليٽري اٿارٽيز جي 250 ارب رپين جا ڪيس مخلف عدالتن ۾ التوا هيٺ آه??، جيڪڏهن اسٽي آرڊرز جو مدو مقرر ڪيو وڃي ته ملڪ ۽ قوم جو فائدو ٿيندو. هن ٻڌايو ته اها تمام وڏي رقم آه??، ان جي ڪري انتظامي بحران پيدا ٿي ويو آه??. ان تي وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا ڳڻتي جو اظهار پڻ ڪيو آه??. هن چيو ته قانون واري وزير کي چيو آه?? ته هو چيف جسٽس آف پ??ڪس??ان ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽسز سان اهو معاملو اٿاري. اميد آه?? چيف جسٽس آف پ??ڪس??ان جو ان معاملي تي سنجيده موقف ايندو، اسان چاهيون ٿا ته اهڙي طرح جو هڪ سيٽ اپ ٺهي جنهن ۾ وڏن فيصلن تي حڪومت ۽ ادارن ۾ مڪمل يڪجهتي هجي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ادارن کي گڏ کڻي هلي ٿو، اهو ئي سبب آه?? جو اسان جو ڪنهن اداري سان جهيڙو نه ٿو ٿئي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ وزيراعظم کي گهرايو ته هو اڌ ڪلاڪ ۾ سپريم ڪورٽ پهچي ويو جڏهن ته ماضي ۾ هڪ وزيراعظم کي جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ طلب ڪيو ويو ته هو عدالت تي حملي آور ٿي ويو هو. هن ٻڌايو ته 2027ع تائين 4 ارب ڊالر ري شيڊيول ٿيا آه??، ان ۾ پيرس ڪلب ۽ نان پيرس ڪلب ٻئي شامل آه??. هن ٻڌايو ته هيستائين پ??ڪس??ان ۾ اٽڪل اڍائي ارب ڊالر کان وڌيڪ جي ويڪسين بلڪل ??فت لڳرائي وئي آه??. هن ياد ڏياريو ته سنڌ جي وڏي وزير چيو هو ته اسان ويڪسين گهرائينداسين ۽ لڳرائينداسين پر اڪنامڪ افيئرز ڊويزن جيڪو رڪارڊ پيش ڪيو آه?? ان موجب سنڌ حڪومت هڪ ڊالر جي ويڪسين به ناهي گهرائي، سڄي ويڪسين وفاقي حڪومت پاران سنڌ ڏانهن وئي آه?? ان جي باوجود ڪراچي ۾ ويڪسين لڳڻ جي شرح باقي شهرن جي مقابلي ۾ متاثر ڪندڙ نه آه??، انهي جي ڪري ڪراچي ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿئي ٿي اتي ويڪسي نيشن ۾ اضافو ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته اٽڪل 725 ملين ڊالر ويڪسين خريد ڪرڻ جي لاءِ اسان کي مليا آه??، باقي مختلف ذريعن سان حاصل ڪيا آه??، اڍائي بلين ڊالر کان وڌيڪ ويڪسين درآمد ڪري اسان لڳائي آه?? انهي جي ڪري اسان جو خسارو مٿي ويو آه??. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي ري پول چونڊ نتيجن تي وفاقي ڪابينا وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني آه??. ري پول ۾ تحريڪ انصاف جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئ?? اها خوش آئنده آه??. هن چيو ته انهن اليڪشنز مان هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿي ويو آه?? ته ايندڙ چونڊون اي وي ايم تي ڪرائڻ ضروري آه??. هن چيو ته پشاور ۽ ڊيره اسماعيل خان جي چونڊن ۾ ووٽ رد ٿيڻ جي شرح کٽڻ ۽ هارائڻ واري مارجن کان وڌيڪ آه??. اي وي ايم ۾ ووٽ رد نه ٿو ٿي سگهي، ان جي ڪري اي وي ايم ايندڙ چونڊن جي لاءِ تمام ضروري آه??. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اڳ ۾ به چيو آه?? ۽ وري چوڻ چاهيون ٿا ته اها اي وي ايم جي خريداري جي لاءِ ٽينڊر ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سوشل ميديا ۽ ڪجهه ٽي وي چينلز تي غيرمهذب زبان استعمال ڪئ?? پئي وڃي جيڪا پ??ڪس??ان جي سنجيده طبقي جي لاءِ پريشان ڪندڙ صورتحال آه??. ان جي لاءِ قانونسازي تمام ضروري آه?? ۽ ان ڏس ۾ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته وفاقي ڪابينا اهم شخصيتن خاص طور تي عورتن تي الزامن ۽ انهن جي خلاف سوشل ميڊيا تي گهٽيا الزام لڳائڻ جي سلسلي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آه?? ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ قانونسازي تي زور ڏنو آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ڪامرس واري وزارت جي سفارش تي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر تنظيم سازي ڪرڻ جي منظوري ڏني. ان منظوري کانپوءِ بورڊ ۾ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جو چيئرمين، ڪامرس واري وزارت، صحت واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت جا نمائندا بطور سرڪاري ڊائريڪٽرز شامل هوندا. ان کانسواءِ ناليواري اقتصاديات جي ماهرن همايون بشير، محترمه پوروسدوا، معين فواد ۽ انور منصور خان بطور خودمختيار ڊائريڪٽرز شامل هوندا. هن چيو ته ڪابينا ڪامرس واري وزارت جي سفارش تي عالمي ڪمپني Peugeot کي پ??ڪس??ان ۾ گاڏين جو ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ ان ڪمپني جون گاڏيون ٽيستنگ جي لاءِ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني آه??. هن چيو ته ڪابينا ڪامرس واري وزارت جي سفارش تي ميسرز ٽريڪوم ونڊ پاور پرائيويٽ لميٽيڊ کي جهمپير ضلعي ٺٽي ۾ 50 ميگاواٽ ونڊ ٽربيون منصوبو لڳائڻ جي لاءِ ٻه وڏيون ڪرينون درآمد ڪرڻ تي ڪسٽم ڊيوٽي ۾ هڪ ڀيرو ڇوٽ جي منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته ڪابينا ڪامرس واري وزارت جي سفارش تي انساني همدردي جي بنياد تي 34500 ميٽرڪ ٽن دال مڱ ورلڊ فوڊ پروگرام تحت افغانستان برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني. هن چيو ته ڪابينا سعودي عرب سان 821.80 ملين ڊالر قرضن جي ملتوي ادائيگي جي معاهدي جي منظوري ڏني. ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته 2027ع تائين مجموعي طور تي اٽڪل 4 ارب ڊالر جون ادائيگيون ملتوي ٿي وينديون جيڪي ملڪي ترقي جي لاءِ استعمال ڪري سگهبيون. ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي ملڪ جي معاشي استحڪام جي لاءِ جاري ڪيل عالمي بانڊز جي مدي ۾ توسيع ڪرڻ جي منظوري ڏني آه??. ڪابينا هدايت ڪئ?? ته انهن بانڊز کي انتظامي ۽ اداراجاتي تحفظ فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ناڻي واري وزارت ۽ قانون واري وزارت مشاورت ڪن. ڪابينا ڊاڪٽر نويد حامد کي وڌيڪ ٽن سالن جي لاءِ مانيٽري پاليسي ڪميٽي تي بطور ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا سيد جاويد حسن کي سٺي ڪارڪردگي جي بنياد تي وڌيڪ 3 سالن جي لاءِ چيئرمين بورڊ آف مئنيجمينٽ نيوٽيڪ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته ڪابينا پ??ڪس??ان جي پهرين ڊيجيٽل ڪلائوڊ پاليسي جي منظوري ڏني. اها پاليسي سرڪاري ادارن ۾ ڊيجيٽل ڊيٽا جي عالمي معيار موجب هڪ جاءِ تي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺاهي وئي آه??. ان پاليسي جي ڪري ملڪ ۾ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جي لاءِ افرادي قوت جي تربيت، اهم پاليسي سازي جي لاءِ ڊيٽا جو وقت سر استعمال، وسيلن جو موثر استعمال ۽ ڊيجيٽل سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري جا موقعا وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ڪابينا انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سفارش تي پرسنل ڊيٽا پروٽيڪشن بل 2022ع جي مسودي جي اصولي منظوري ڏني آه??. ان قانون جي ڪري ذاتي معلومات تائين پهچ، استعمال، درستگي ۽ غلط استعمال کي روڪڻ جي لاءِ شهرين کي تحفظ حاصل هوندو. ڊيٽا پروٽيڪشن جو عالمي ضابطو ۽ اصول ان بل جو حصو هوندا. اهو مسودو قانون بابت ڪميتي ڏانهن موڪليو ويندو. هن ٻڌايو ته گهرو وزارت پ??ڪس??ان ۽ برطانيا جي وچ ۾ شهرين جي واپسي جي حوالي سان معاهدي بابت رپورٽ پيش ڪئ??. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ان مقصد جي لاءِ گهرو معاملن، پرڏيهي معاملن، انساني حقن وارن وفاقي وزيرن ۽ احتساب واري صلاحڪار تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئ?? وئي هئي، ان ڪميٽي سفارشون جوڙي ڇڏيون آه?? جيڪي پرڏيهي وزارت جي حتمي مشاورت کانپوءِ برطانيا حڪومت ڏانهن موڪليون وينديون. هن چيو ته ڪابينا قومي اسپورٽس پاليسي 2022ع جي منظوري لاڳاپيل وزير جي بيمار هجڻ سبب ملتوي ڪري ڇڏي آه??. هن چيو ته ڪابينا قانون واري وزارت جي سفارش تي لاء اينڊ جسٽس ڪميشن ۾ مقررين جي منظوري ڏني. ڪميشن ۾ جسٽس (ر) ميان محمد اجمل، جسٽس (ر) فيصل عرب، جسٽس (ر) محمد سير علي ۽ سينيئر ايڊووڪيٽ سيد اياز ظهور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. هن چيو ته ڪابينا فيڊرل سروسز ٽربيونل ڪئ??پ آفيس ڪراچي جي نئين عمارت جي تعمير جي لاءِ ڪراچي صدر ۾ موجود پ??ڪس??ان سيڪريٽريٽ آرٽلري ميدان ۾ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته ڪابينا صحت واري وزارت جي سفارش تي 100 (Remdesivir ايم جي) جي وڌ کان وڌ ريٽيل پرائس 3967.34 رپين مان گهٽ ڪري 2308.63 رپيا ڪرڻ جي منظوري ڏني آه??. هن ٻڌايو ته ڪوويڊ جي شروعاتي ڏينهن ۾ ان انجيڪشن جي قيمت تمام گهڻي وڌيڪ هئي پر هاڻي اسان ان انجيڪشن جا وڏا ايڪسپورٽر آه??ون. اهڙي طرح 26 فيبروري 2019ع تي جڏهن ڪوويڊ جو پهريون ڪيس آيو هو ته ان وقت اسان ڪجهه به نه تيار ڪري رهيا هئاسين، هاڻي پ??ڪس??ان پوري دنيا ۾ ڪوويڊ مٽيريل فراهم ڪري رهيو آه??. هن ٻڌايو ته ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي پ??ڪس??ان ۾ ايڪٽو فارماسيوٽيڪل انگريڊينٽ (اي پي آءِ) صنعت جي ترقي ۽ فروغ جي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي منظوري ڏني آه??. انهن قدمن سان دواسازي سيڪٽر ۾ عالمي معيار سان هڪ جهڙائي، تحقيق، قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ دستيابي ممڪن بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪابينا سمنڊ پار پ??ڪس??انين جي سهولت لاءِ خصوصي عدالتون قائم ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏني ۽ قانون ٺاهڻ جي هدايت ڪئ??، انهن قانونن ۽ عدالتن جي قيام سان سمنڊ پار پ??ڪس??انين جا ملڪيتي ڪيس جلد اڪلائڻ ۾ مدد ملندي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا باسڪا بلاڪ ۾ چائنا شنهوا آئل جي ورڪنگ انٽرسٽ اينڊ آپريٽر شپ جو 33.5 سيڪڙو حصو پ??ڪس??ان پيٽروليم لميٽيڊ کي منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني آه??. هن چيو ته ڪابينا برگيڊيئر (ر) توفيق احمد کي ايم پي – 1 اسڪيل ۾ ڊائريڪٽر جنرل نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اليڪٽرانڪس (اين آئي اي) جي عهدي تي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته ڪابينا آڏو قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) جي سالياني رپورٽ مالي سال 21 – 2020ع پيش ڪئ?? وئي. ڪابينا ٽرانسپورٽ اينڊ لاجسٽڪ بابت ڪميٽي جي 27 جنوري 2022ع تي منعقد اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئ??. انهن فيصلن ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ پپري جو مخصوص فريٽ ڪوريڊور، ريلوي واري وزارت ڪراچي ۽ پورٽ جي لاءِ گيم چينجر پراجيڪٽ آه??، ان کانپوءِ ريلوي کي پورٽ جي اندر تائين پهچ ملندي ۽ ڪنٽينرز کي اسٽور ڪرڻ جي لاءِ نئون پراجيڪٽ ٺاهينداسين. هن چيو ته ڪابينا اداراجاتي سڌارا ڪميٽي جي 5 ۽ 12 جنوري 2022ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئ??. انهن فيصلن ۾ انڊسٽريل فيسلٽي ٽيشن سينٽر (آءِ ايف سي) ۽ پ??ڪس??ان انڊسٽريل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن (پي آءِ ڊي سي) جو صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ۾ انضمام به شامل آه??. هن چيو ته ڪابينا اداراجاتي سڌارا ڪميٽي جي 26 جنوري 2022ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئ??. انهن فيصلن ۾ نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت جي نيشنل هيلٿ انفارميشن ريسورس سينٽر (اين ايڇ آئي آر سي) جي تحليل به شامل هئي. هن چيو ته ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي 9 فيبروري 2022ع تي منعقد اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئ??. پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (پيپرا) جي اي پروڪيورمينٽ پراجيڪٽ جي لاءِ 555 ملين رپين جي فنڊز جي ريليز شامل آه??. پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي پروگرام تحت هلندڙ مالي سال 22 – 2021ع جي دوران 8.190 ارب رپين جي فنڊز جي ٽيڪنيڪل سپليمينٽري گرانٽ، ٽيڪسٽائيل اينڊ اپيرل پاليسي 25 – 2020ع جي حوالي سان ڪابينا جي اي سي سي جي لاءِ امپلي مينٽيشن رپورٽ شامل آه??. هن ٻڌايو ته ڪابينا وفاقي حڪومت جي گريڊ 1 کان 19 تائين جي ملازمن ۽ ايف سي ۽ رينجرز جي لاءِ 15 سيڪڙو ڊسپيريٽي ريڊيڪشن الائونس 2022ع جي منظوري ڏني آه??. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو تعين ڪرڻ ناڻي واري وزارت ۽ پيٽروليم واري وزارت جو ڪم آه??، پ??ڪس??ان ۾ پيٽروليم مصنوعات جي پيداوار نه ٿي ٿئي، اسان کي عالمي منڊي مان پيٽروليم مصنوعات خريد ڪرڻيون پون ٿيون، عالمي منڊي ۾ قيمتون وڌنديون ته هتي به قيمتون وڌنديون، قيمتن کي گهڻي دير تائين وڌڻ کان روڪڻ اسان جي لاءِ ممڪن نه آه??. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخالف ڌر ٽن سالن ۾ 13 ڀيرا حڪومت ڪيرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري چڪي آه??. مولانا فضل الرحمان، بلاول، مريم ۽ شهباز شريف پنهنجي بار هيٺ پاڻ دٻيل آه??، انهن ۾ سگهه نه آه?? ته اهي حڪومت کي هٽائي سگهن. هن چيو ته فضل الرحمان پ??ڪس??ان ۾ حڪومت ڪيئن ٺاهي سگهي ٿو، 1100 کان وڌيڪ سيٽن تي پ??ڪس??ان ۾ اليڪشن ٿئي ٿي ۽ جي يو آءِ رڳو 60 کان 70 سيٽن تي اليڪشن وڙهي ٿي، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ به ڊويزن جي سطح جون پارٽيون آه??، عمران خان چيو هو ته اهي سڀ چور گڏ ٿي ويندا. انهن جي گڏ ٿيڻ جو مقصد رڳو پنهنجي ڪيسن ۾ ريليف حاصل ڪرڻ آه??. هن چيو ته مملڪتي وزير فرخ حبيب هڪ قرارداد قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ وڃي رهيو آه?? ته جيئن انهن جي خلاف ڪيس لائيو ڏيکاري سگهجن ۽ ماڻهن کي خبر پوي ته ڪهڙي طرح مقصود چپڙاسي، مسرور احسن ۽ منظور پاپڙ واري جي اڪائونٽس مان اربين رپيا شهباز شريف اينڊ ڪمپني جي اڪائونٽس ۾ منتقل ٿيا. اهو تمام ضروري آه?? ته اهو ڪيس هلي ۽ اسيمبلي ۾ ان تي بحث ٿيندو ته اهڙا ڪيس لائيو ڏيکارڻ گهرجن يا نه. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فيڪ نيوز جي معاملي تي شروع کان چئي رهيو آه??ان ته اهو پ??ڪس??ان جو تمام وڏو مسئلو آه?? پر هاڻي ان ڳالهه جي خوشي آه?? ته گڏيل قومن پ??ڪس??ان جي اسپانسرڊ قرارداد منظور ڪئ?? آه?? جنهن ۾ فيڪ نيوز کي بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي قرار ڏنو آه??. گڏيل قومن جي سطح تي اهڙي قسم جي قرارداد اچڻ وڏو خوش آئنده آه??. هن چيو ته پيپلزپارٽي پاران عورتن جي تضحيڪ تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ڪڏهن به سامهون ناهي آئي، اهو مسئلو (ن) ليگ سان آه??، اهي اهڙي قسم جي گندگي پکيڙين ٿا، (ن) ليگ ان کان اڳ نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو شهيد بابت به مهم شروع ڪري رکي هئي، هاڻي ٻيهر مريم نواز هڪ اهڙي شخص جي حق ۾ ٽوئيٽ ڪيو جيڪو سڄي مهم ليڊ ڪري رهيو هو، مريم نواز پاڻ به عورت آه??، کيس اهڙي قسم جي مهم کي سپورٽ نه ڪرڻ گهرجي، ان جو سڀ کان وڌيڪ نقصان کيس پاڻ کي ٿيندو. هن چيو ته ميڊيا ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو موجود آه?? جن جي لاءِ مسئلا آه??، انهن کي اهڙي قسم جون مهمون هلائڻيون پون ٿيون پر جڏهن جوابي ردعمل ايندو ته ان تي انهن ماڻهن کي تڪليف ٿيندي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي معاشري جي قدرن کي سامهون رکڻ گهرجي ۽ ان موجب هلڻ گهرجي، اسان اهڙيون مهمون شروع ڪرڻ وارن ماڻهن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر ۾ حڪومت ڪيرائڻ جي سگهه نه آه??، مخالف ڌر حڪومت هٽائڻ جي 13 ڀيرا ناڪام ڪوشش ڪري چڪي آه?? پر ڪامياب نه ٿي سگهي، مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو، مريم نواز، شهباز شريف پ??ڪس??ان جي اونداهي علامتون آه??، انهن جو ڪو مستقبل نه آه??، اهي ماضي جا ماڻهو آه??، بلاول ۽ مريم نواز کي ڪراچي ۽ لاهور جي ميئر جي چونڊ وڙهي سياست شروع ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم بڻجن هڪ ڊگهي جدوجهد جو نالو آه??، ان جي لاءِ انهن کي سخت محنت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته شهباز شريف جا ڪيسز اسان لائيو ڏيکارڻ چاهيون ٿا، هن وقت برطانيا جي سپريم ڪورٽ به پنهنجا سمورا ڪيسز سڌوسنئون ڏيکاري رهي آه?? ان لاءِ عدالتن کي مسئلو نه ٿيندو.
مخالف ڌر حڪومت ڪيرائڻ جون 13 ڀيرا ناڪام ڪوششون ڪيون، اسان کي عدم اعتماد جي رٿ نه، اهي ماڻهو جيلن ۾ نظر اچي رهيا آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania