اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته شهري آبادين جي بي پناهه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، شهري آبادين ۾ ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ گرين بيلٽس جي تحفظ ۽ هنگامي حالتن ۽ قدرتي آفتن کان بچاءُ جي جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي، خاص طور تي مارگله جي جبلن ۽ ٻين سياحتي ماڳن جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ هائوسنگ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو اج??اس منعقد ٿيو. اج??اس ۾ وفاقي وزيرن، خاص مددگارن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. چئني صوبن جي اعليٰ آفيسرن به وڊيو لنڪ جي ذريعي اج??اس ۾ شرڪت ڪئي. اج??اس کي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ شهرن جي ماسٽر پلان تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ 28 شهر جن جي ڪ?? آبادي 6 ڪروڙ 47 لک آهي، جي ماسٽر پلان تي ڪم تيزي سان جاري آهي، اج??اس کي ٻڌايو ويو ته لاڳاپيل عملدارن پاران ??رپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ماسٽر پلان تيار ڪرڻ جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، ماسٽر پلان ۾ زمين جي استعمال، معاشي ترقي، ادارن جو بنيادي ڍانچو ۽ فنانشل پلان سياحت ۽ ثقافتي ورثي، ماحولياتي تحفظ، ٽرانسپورٽ، هنگامي حالتن ۽ قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ جامع منصوبابندي شامل آهي، اج??اس کي مختلف شهرن جي ماسٽر پلان جي تڪميل جي نه رڳو موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو پر ماسٽر پلاننگ ۾ مستقبل ۾ ايندڙ تبديلين کي شامل ڪرڻ جي طريقيڪار کان به آگاهه ڪيو ويو، وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ان دوران لينڊ پاليسي کي تبديل ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ زمين جي استعمال جي درجه بندي سان ??ڏوگڏ اسپيشل ڪمرشلائيزيشن ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. خيبرپختونخوا جي حوالي سان اج??اس کي ٻڌايو ويو ته ضم ٿيل ضلعن جي 9 شهرن جي سميت صوبي جي 20 وڏن شهرن جو ماسٽر پلان مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنهن سان نه رڳو ٻيلن ۽ قدرتي ندي نالن جو تحفظ پر ڊگهين عمارتن جي تعمير به شامل آهي، اج??اس کي ٻڌايو ويو ته پشاور، مردان، چارسده، نوشهره، صوابي ۽ ايبٽ آباد جو پلان تيار آهي جڏهن ته 5 ٻين شهرن جو پلان پڄاڻي جي مرحلي ۾ آهي، اسلام آباد جي حوالي سان اج??اس کي ٻڌايو ويو ته گهڻ ماڙ عمارتن جي سارسنڀال لاءِ اصول جوڙيا پيا وڃن ته جيئن تعمير کانپوءِ ماڻهن کي مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي، وڌيڪ زون 3 ۾ گرين ايرياز جي تحفظ لاءِ به حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته شهري آبادين جي بي پناهه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرور آهي، شهري آبادين ۾ ماحول جي بهتري لاءِ گرين بيلٽس جي تحفظ ۽ هنگامي حالتن ۽ قدرتي آفتن کان بچاءُ جي جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي، خاص طور تي مارگله جي جبلن ۽ ٻين سياحتي ماڳن جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
شهري آبادين جي بي پناهه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار