اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ا??غانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ورجائيندي چيو آهي ته افغان تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي، ڳالهين ذ??يعي سياسي حل جي ضرورت آهي، افغانستان ۾ امن پوري علائقي جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. هن ا??ڙن خيالن جو اظهار افغانستان جي صنعت ۽ واپار واري وزير نثار احمد فيضي غورياني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي ويجهن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ورجايو.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت