اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ڪووڊ 19 جي وبا جي ڪري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي صنعت ۽ ڪ??روبا?? متاثر ٿيو آهي پر اسان وبا جي دوران سپلائي چين کي بحال رکيو ته جيئن مارڪيٽ ۾ ڪنهن قسم جي کوٽ نه ٿئي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي حماد اظهر چيو ته حڪومب وبا جي دوران ڪاروبار، صنعت ۽ تعميرات جي شعبن کي بروقت کوليو ۽ ڪ??روباري شعبي کي رليف ڏنو ويو جنهن تحٽ 30 کان 35 لک ايس ايم ايز جي بجلي ج ابل معاف ڪيا ويا جنهن سان ملڪ جا اڪثر ڪاروبار مستفيد ٿيا آهن، هلندڙ مالي سال لاءِ حڪومت نه رڳ?? ٽيڪس فري بجيٽ ڏنو آهي پر پهرين کان موجود ٽيڪسن جي شرح کي به گهٽ ڪيو ويو آهي، هزارين مصنوعات تي ڪسٽم ڊيوٽيز ختم ۽ سيلز ٽيڪس سميت ٻين ٽيڪسز ۾ به ??را??تون ڏنيون ويون آهن، وفاقي حڪومت تعميرات جي شعبي لاءِ پيڪيج متعارف ڪرايو آهي جنهن سان نه رڳ?? تعميرات جو شعبو پر ذيلي صنعتن ۾ به بهتري ٿي آهي ۽ مون سون کانپوءِ ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، هن چيو ته حڪومت گذريل ??ن سالن جي دوران ٻه نيون پاليسيون متعارف ڪرايون آهن جنهن ۾ اليڪٽرڪ وهيڪلز ۽ موبائيل ??ينوفيڪچرنگ جون پاليسيون شامل آهن.
ڪووڊ 19 جي وبا جي ڪري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي صنعت ۽ ڪاروبار متاثر ٿيو: حماد اظهر
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا