اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (اي?? سي سي) ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ عوامي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سڀني صوبن جي رضامندي کانپوءِ ملڪ ۾ تعليمي ادارا 31 مئي تائين بند رکڻ، اولين ترجيح ??ور ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي حفاظتي سامان جي فوري فراهمي، اسٽيٽ بئنڪ ۽ نادرا کي سنڌ حڪومت کي گهربل تعاون فراهم ڪرڻ، رليف پيڪيج ۾ صوبائي حڪومتن جي تعاون لاءِ جامع نظام ٺاهڻ، ڪرونا وائرس بابت نيشنل ڪمانڊ سينٽر ۾ صوبن ۽ وفاق جي نمائندن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ ۽ جمعي نماز جي اجتماعن کي محدود رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، اي?? ڊي اي?? اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنر?? محمد افضل، ??حت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا وڊيو لنڪ ذريعي ميڊيا کي بريفنگ ڏني.
وزيراعظم جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس، وزيرن پاران بريفنگ
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش