ڊيووس – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ تباهي هوندي، جنگُون مسئلا حل ڪرڻ بدران وڌيڪ مسئلا پيدا ڪنديون آهن، ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم ??ي موقعي تي سي اين بي سي جي هيڊلي گيمبل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران جي وچ جنگ ٿي ته اها تباهي آڻيندڙ هوندي، يقين ڪريو ته ايران جو تڪرار افغانستان جي مقابلي ۾ انتهائي مشڪل هوندو، وزيراعظم آمريڪا جي طرفان ڳالهين لاءِ آمادگي کي ذميداراڻو قرار ڏيندي چيو ته 19 سال گذرڻ جي باوجود افغانستان جو تڪرار حل نه ٿي سگهيو ۽ ڌريون ڳالهين جاري رکڻ ۽ فائربندي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن، هن چيو ته افغانستان ۾ به ماڻهو مري رهي?? آهن، ??ڪ کرب ڊالر کان وڌيڪ خرچ ٿي چڪا ??هن ته ڇا آمريڪا وڌيڪ ڪنهن ٽڪر جي سٽ سهي سگهي ٿو.
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری