مظفرآباد – 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آه?? ته ڪم ڪندڙ شخص کي عدالتون سياست مان ڪڍي ڇڏين ٿيون، اها ملڪ جي بدقسمتي آه?? جو ڪم ڪندڙن کي عدالتن ۾ گهليو وڃي ٿو، جنهن ملڪ ۾ سياسي اڳواڻن جي عزت نه ٿيندي اتي ترقي مشڪل آه??، عوام ايندڙ چونڊن ۾ جيڪو به فيصلو ڪري قبول آه??، ملڪ 65 سالن ۾ ايتري ترقي ناهي ڪئي جيتري گذريل 5 سالن ۾ ڪئي آه??، اسان رڳو ڳالهيون ناهن ڪيون پر ڪم ڪري ڏيکاريو آه??، اسان جي حڪومت مسئلا حل ڪرڻ ڄاڻي ٿي ۽ ڪري ڏيکاريا آه??، جيڪڏهن ماضي جي حڪومتون به پنهنجو ڪم ڪن ها ته ايترا مسئلا نه هجن ها، ڪنهن حڪومت 2 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا نه ڪئي، اسان 10 هزار 400 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري ڏيکاري. هن اها ڳالهه نيلم جهلم منصوبي جي پهرين يونٽ جي افتتاح جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي.
مضمون کا ماخذ : loteria estadual