ڪوئيٽا – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪ??هن به اداري جي ڪنهن اداري سان ??ڪتاڻ نه آهي، اسان جو ڪم حڪومت ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، بلوچستان ۾ نواز شريف جي اعلان ??يل سمورن منصوبن تي ڪم جاري رکنداسين، ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو، حڪومت صوبن جو ترقياتي فنڊ 1200 ارب رپين مان وڌائي 1900 ارب رپيا ڪري ڇڏيو، صوبي ۾ موجوده حالتون ماضي جي ڀيٽ ۾ تمام بهتر آهن، ڪنهن صوبي سان ??نهن ناانصافي ۽ تعصب جي قطعي گنجائش نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ??الهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي هر ضلعي کي گئس جي فراهمي لاءِ محمد نواز شريف جي ترقياتي ويزن تحت جار?? اسڪيمون هلندڙ سال مڪمل ڪيو وينديون جن تي 15 ارب رپيا لاڳت ايندي جڏهن ته ٽيوب ويلن کي سولر سسٽم تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو ٽن فيز ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ان منصوبي تي پڻ هلندڙ سال ڪم شروع ڪيو ويندو.
ڪنهن به اداري جي ڪنهن اداري سان ڇڪتاڻ نه آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی