ماسڪو – 01 جنوري (اي پي پي ) تي?? جي پيداوار ۽ روانگي واپار ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ پلس تي?? جي عالمي مارڪيٽ ۾ تي?? ۾ توازن قائم ڪرڻ لاءِ 2025ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ ان جي پيداوار ۾ 2.2 ملين بيرل جي رضاڪاراڻي گهٽتائي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. اوپيڪ جي ويب سائيٽ تي شايع ڪيل تي?? جي پيداوار جي بحالي جي نئين شيڊول مطابق پيداوار ۾ اضافي جو منصوبو اپريل 2025ع کان سيپٽمبر 2026ع جي آخر تائين لاءِ آهي. تنظيم 8 ميمبر ملڪن تي?? جي پيداوار ۾ 2024ع جي شروعات کان 2.2 ملين بيرل روزانو ڪٽوتي تي عمل ڪيو آهي جن مان روس، سعودي عرب، الجزائر ، عراق ، قازقستان ، ڪويت ، گڏيل عرب امارات ۽ اومان شامل آهن . اوپيڪ پلس جي ميمبر ملڪن آڪٽوبر 2024 ع تائين پابنديون هٽائڻ ۽ پيداوار کي بحال ڪرڻ جو منصوبو بڻايو ۽ انهي مطابق هڪ ??ائ??م ٽيبل تيار ڪيو، ان ڪري پيداوار ۾ اضافي کي سال 2024ع جي آخرتائين ۽ اوپيڪ پلس جي آخري وزارتي اجلاس ۾ 2025ع جي پهرين ٽه ماهي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. روس جي نائب وزيراعظم اليگزينڊر نوواڪ چيو ته اوپيڪ پلس جي قدم جو مقصد سياري ۾ گهٽ طلب دوران تي?? جي مارڪيٽ کي عدم استحڪام کان بچائڻ آهي.
اوپيڪ پلس پاران 2025ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ تيل جي پيداوار ۾ 2.2 بيرل جي رضاڪاراڻي گهٽتائي جاري رکڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis