گڏيل قومون – 31 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسرائيل طرفان فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو ??ين آر ڊبليو ??ي) تي پابندي لڳائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسرائيل تي زور ڀريو ??هي ته عالمي ذميوارين جي پابندي ڪري . پرڏيهي ميڊيا مطابق سلامتي ڪائونسل گذريل ڏينهن جا??ي ڪيل پنهنجي بيان ۾ اسرائيل تي زور ڀريو ??هي ته هو گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو ??ين آر ڊبليو ??ي ) کي مليل حقن ۽ ڇوٽ واري حيثيت جو احترام ڪري. عالمي اداري چيو ??ه سمورين ڌرين کي گهرجي ته اهي يو ??ين آر دبليو ??ي کي ان جي مينڊيٽ مطابق سمورن لاڳاپيل علائقن ۾ ڪم ڪرڻ ڏين ڇو ته اها رليف ايجنسي جنگ سٽيل غزه ۾ انساني بنيادن تي ڪم جي حوالي سان ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي . سلامتي ڪائونسل چيو ??هي ته ڪو به ٻيو ??دارو انساني بنيادن تي ڪم ڪرڻ لاءِ يو ??ين آر ڊبليو ??ي جي متبادل نٿو ٿي سگهي . يو ??ين آر ڊبليو ??ي جو پناهگيرن جي مدد لاءِ مينڊيٽ ۽ ان جي اهليت سڀني ادارن تي حاوي آهي . ان اداري جي امداد زندگين کي بچائيندڙ آهي . واضح رهي ته يو ??ين آر ڊبليو ??زه ۽ اولهه ڪناري ۾ بي گهر فلسطينين جي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سڀ کان اهم ادارو آهي.
سلامتي ڪائونسل پاران فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري تي اسرائيلي پابندي جي قدم تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد