واشنگٽن – 13 آگسٽ (اي پي پي )آمريڪا بنگلاديش جي اڳوڻي وز??را??ظم شيخ حسينه واجد جي حڪومت ڪ??را??ڻ ۾ پنهنجي مداخلت بابت الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ان معاملي ۾ اسان جو ڪو ڪردار ناهي. پرڏيهي اداري جي رپورٽ وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪرائن جين پيئر پريس بريفنگ دوران ٻڌايو آهي ته بنگلاديشي حڪومت جي ڪ??را??ڻ ۾ اسان جو ڪو ڪردار ناهي ، ان معاملي ۾ اسان جي ملوث هجڻ بابت اطلاع يا افواهون سراسر غلط آهن . هن چيو ته اسان سمجون ٿا ته بنگلاديش جي عوام کي پنهنجي حڪومت جي مستقبل جو پاڻ کي فيصلو ??رڻ گهرجي . واضع رهي ته گذريل ڏينه?? ڀارت ۾ اڪنامڪ ٽائيمز اخبار جي هڪ رپورٽ ۾ حسينه واجد جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو هو ته آمريڪا کيس بي دخل ??رڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ڇو ته هو بنگلاديش جي نار بنگال ۾ واقع ٻيٽ سينٽ مارٽن تي پنهنجو ڪنٽرول چاهي ٿو. اخبار چيو آهي ته حسينه واجد اهو پيغام پنهنجي ويجهن ساٿين ذريعي کين پهچايو هو . حسينه واجد جي پٽ ان کان پوءِ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته سندس والده اهڙو ڪو به بيان ناهي ڏنو.
حسينه واجد جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ مداخلت بابت الزام بي بنياد آهن، ان ۾ اسان جو ڪو ڪردار ناهي: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ