اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي تيز رفتار اقتصادي ترقي جي لاءِ اعليٰ تعليم کي انتهائي اهميت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته هو واضح قانونن کي لاڳو ڪرڻ، انهن جي سخت ۽ منصفاڻي لاڳو کي يقيني بڻائڻ سميت انصاف جي فراهمي ۽ خوداحتسابي کي فروغ ڏيڻ سان بدعنواني جي حوصلا شڪني ڪر?? سگهجي ٿي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هتي ايوان صدر ۾ انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس (آءِ سي ايم اي) جي ميمبرن جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آءِ سي ايم اي پاڪستان جو صدر شهزاد احمد ملڪ ۽ اڪائونٽنگ اينڊ مالياتي شعبي جي ميمب??ن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. صدر پيشيواراڻي تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ادارن کي مهارت تي ٻڌل ۽ پيشيواراڻي تعليم جي لاءِ موثر قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته گريجوئيٽس ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪر?? سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان کي تربي?? يافته انساني وسيلن ۽ پيشيواراڻي مانهن جي ضرورت آهي، جن ۾ ڪاسٽ ۽ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس به شامل آهن. ڊاڪٽر عارف علوي ادارن تي زور ڏنو ته اهي يونيورسٽي مان فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ پيشي??ر ماڻهن جي انگ ۾ اضافو ڪن. هن چيو ته پيشيواراڻي ادارن کي وڌ کان وڌ گريجوئٽس پيدا ڪرڻ گهرجن. ڇو ته انڊسٽري ۽ مارڪيٽ ۾ هنرمند پيشي??ر ماڻهن جي ضرورت آهي. صدر پاڪستان ۾ ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس تيار ڪرڻ تي آءِ سي ايم اي کي ساراهيندي چيو ته ڪر??شن ۽ مير?? جي پائمالي سان ادا??ن ۽ ملڪ ۾ ٻاڙائي پيدا ڪئي وئي. هن چيو ته بدعنواني اولهه ملڪن ۾ به آهي. ڪورونا وائرس جي وبا دوران هڪ اولهه ملڪ ۾ ماڻهن جعلي دستاويزن تي اجرت جي دعويٰ ڪئي. هن چيو ته مالياتي ڏوهن جو اصل سبب ڏوهارين سان اهلڪارن جي ملي ڀڳت آهي. هن ڪر??شن کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته انصاف جي فراهمي ۽ خود احتسابي سان بدعنواني جي حوصلا شڪني جي راهه هموار ٿيندي. صدر مالياتي ۽ اڪائونٽنگ جي شعبي سان واڳيل ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي معيشت جي دستاويزن ۾ مدد فراهم ڪرڻ، چوري ۽ ٽيڪس کان بچڻ جي حوصلا شڪني، بدعنواني تي ضابطو آڻڻ ۽ حڪومت کي منصفاڻي ٽيڪس ۽ اوڳاڙيون پيدا ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪن. هن شاگردن کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۽ ضرورتمند ماڻهن جي خدمت جو جذبو رکن. ان کان اڳ صدر فارغ ٿيندڙ شاگردن ۾ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽس ورهايا.
ملڪ جي تيز رفتار اقتصادي ترقي جي لاءِ اعليٰ تعليم کي انتهائي اهميت ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado