اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏورانهن علائقن ۾ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ٽيڪس محتسب جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وف??قي ٽيڪس محتسب جي پهچ وڌائڻ ۽ اداري جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اي??ان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن وف??قي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاهه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اي??ان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته ٽيڪس محتسب واپارين کي ٽيڪس ??مل??ارن جي ناانصافي جي خلاف ريليف فراهم ڪرڻ جو بهترين ڪم ڪري رهيو آهي، وف??قي ٽيڪس محتسب ڪسٽم ۽ ٽيڪس ??مل??ارن جي بدانتظامي جي خلاف فوري انصاف فراهم ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته ٽيڪس محتسب واپارين کي ٽيڪس ??مل??ارن جي ناانصافي جي خلاف ريليف فراهم ڪرڻ جو بهترين ڪم ڪري رهيو آهي. وف??قي ٽيڪس محتسب ان موقعي تي صدر کي اداري جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ 2021ع پيش ڪئي. وف??قي ٽيڪس محتسب پنهنجي رپورٽ ۾ صدر کي آگاهه ڪيو ته سال 2021ع دوران ايف ٽي او وٽ 1816 تازيون شڪايتون داخل ٿيون جڏهن ته گذريل 333 تي باقي ڪيسز تي پڻ ڪارروائي ڪئي وئي. رپورٽ موجب سال 2021ع دوران 2867 ڪيسن کي اڪلايو ويو ۽ ان دوران 88.14 سيڪڙو فيصلن تي ??مل??رآمد ٿيو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته محتسب 8.4 ارب رپين جي ڪليمز جو فيصلو ڪيو جڏهن ته رقم ايف بي آر متاثره ٽيڪس ڏيندڙن کي ادا ڪئي، ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت ۽ شڪايتن جي تيز حل لاءِ شڪايتن جو غيررسمي حل شروع ڪيو ويو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ان ڳالهه کان پڻ آگاهه ڪيو ويو ته غيرقانوني طور تي وڌيڪ سيلز ٽيڪس جي وصولي تي گاڏين جي خريدارين کي 60 ڪروڙ رپين جا فنڊ ڏنا ويا جڏهن ته واپارين جي سهولت لا??ِ عالمي هوائي اڏن ۽ چمن ۽ طورخم جي بارڊر تي سهولت ڊيڪس قائم ڪيا. رپورٽ موجب واپاري ادارن ۽ انجمنن جي تعاون سان سڄي ملڪ ۾ سيمينارز ۽ آگاهي سيشنز منعقد ڪيا پيا وڃن. صدر ڏورانهن علائقن ۾ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ٽيڪس محتسب جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
وفاقي ٽيڪس محتسب جي پهچ وڌائڻ ۽ اداري جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری