اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي ت??قي لاءِ صنعتن ۽ ڪاروبارن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ بي پناهه موقعا آهن جنهن مان ڀ??پور طور تي فائدو کڻڻ جي ضر??رت آهي، ان سلسلي ۾ نوجوانن کي مناسبت تربيت ۽ رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صنعت ۽ واپار سوات جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن عدنان علي جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته صنعتون ۽ ڪاروباري برادري واپاري ماپو وڌائڻ ۽ ملڪي ت??قي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر سوات ۾ سياحت جي شعبي ۾ ت??قي جي موقعن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته سياحت جي شعبي ۾ امڪانن مان فائدو کڻي ملازمت جا موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. ان سلسلسي ۾ نوجوانن کي مهمان نوازي ۽ قيام ۽ طعام جي شعبي ۾ تربيت ڏيڻ جي ضر??رت آهي، هن چيو ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ قرض فراهم ڪري رهي آهي، سوات جا نوجوان سياحت ۽ مهمانوازي جي شعبي ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪن ۽ موقعن مان فائدو کڻن. صدر چيو ته حڪومت رستن سميت بنيادي ڍانچي جي ت??قي سان سياحت کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي جڏهن ته نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، ان موقعي تي وفد صدر کي پنهنجي مسئلن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، صدر وفد کي مسئلن جي حل ۾ تعا??ن جي خاطري ڪرائي.
پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ بي پناهه موقعا آهن جنهن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی