اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان سينيٽ جي چيئرمين سينيٽر صادق سن??را??ي سان سندس ڀاءُ سالار سن??را??ي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وزيراعظ?? عمران خان سان سينيٽ جي چيئرمين سينيٽر محمد صادق سن??را??ي ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيئرمين سان سندس ڀاءُ سالار سن??را??ي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، هن مرحوم جي بلند درجن لاءِ خصوصي دعا ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي، ڪوئيٽا، آر سي ڊي روڊ کي ٻن لائين وارو ٺاهڻ بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم بلوچست??ن جي ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ روڊن جي بنيادي ڍانچي کي بهتر ۽ جديد بڻائڻ جي خاطري ڪرائي، هن سي پيڪ تحت تعمير ٿيندڙ روڊن خاص طور تي اولهه روٽ جي تعمير کي ان سلسلي ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان سان منصوبي ۾ معاشي ۽ معاشرتي ترقي لاءِ نئين دور جو آغاز ٿيندو.
وزيراعظم پاران سينيٽ چيئرمين سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا