پشاور – پهرين جنوري (اي پي پي) ڀارتي ي??ترين جو گروپ مذ??بي رسمون ادا ڪرڻ جي لاءِ ٽيري ڪرڪ پهچي ويو. تفصيل موجب ڪرڪ جي تعلقي بانڊه داد شاهه جي علائقي ٽيري ۾ هندو مذ??بي پيشوا شري پرم هنس جي مهاراج جي سماڌي ۽ ٽيري مندر جي بحالي (نئين سر تعمير) جو ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڙيسري ملڪ ڀارت جي هندو برادري جي ي??ترين جي ٽيري اچڻ جي سلسلي ۾ حڪومت سميت هندو ڪائونسل پاڪستان پا??ان غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا، سال 2022ع جي پهرين ڏينهن ٽيري مندر ۾ مذ??بي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ ڇنڇر جي صبح دبئي کان هندو برادري جي 15 مردن ۽ عورتن ۽ ٻارن تي ٻڌل قافلو پشاور ايئرپورٽ پهتو جتان انهن کي باحفاظت نموني ٽيري مندر پهچايو ويو جڏهن ته اتي اڳ ۾ ئي پاڪستان جي سنڌ صوبي ۽ ٻين علائقن مان هندو برادري جا ماڻهو موجود هئا، ٽيري جي مقامي آبادي پا??ان مهمانن جي اچڻ جي لاءِ انتظام ڏسڻ لاءِ مليا ۽ مقامي آبادي جا حجرا مهمان خانن ۾ تبديل ٿي ويا، ٻئي طرف هندو برادري جا ٻار ٽيري جي گهٽين ۾ کيڏندي نظر آيا ۽ بازارن مان سودو سامان پڻ خريد ڪندا رهيا ۽ هندو برادري جا ماڻهو مقامي آبادي سان گهلي ملي ويا. ان موقعي تي هندو برادري جي قانوني معاملن جي انچارج روهيت ڪمار ايڊووڪيٽ سميت ٻين ياترين پاڪستان حڪومت پا??ان ٽيري سميت هندوئن جي ٻين مذ??بي جاين جي حفاظت ۽ جاين کي مذ??بي سياحن جي لاءِ کولڻ جي بهتر قدم کي ساراهيو. سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ م??مل مذ??بي آزادي سان گڏوگڏ مذ??بي سياحت جي فروغ سان پوري دنيا کي مثبت پيغام ملندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان حڪومت جو اهو بهتر قدم پاڙيسري ملڪن خاص طور تي ڀارتي حڪومت جي لاءِ پڻ هڪ مثبت پيغام آهي ۽ ڀارتي حڪومت کي پڻ گهرجي ته اها پنهنجي ملڪ ۾ مسلمانن کي انهن جي مذ??بي جاين تائين پهچ ڏيڻ سان گڏوگڏ مذهبن ۽ انسانيت جي وچ ۾ فاصلا ختم ڪري. ٻئي طرف ڀارت مان 200 مرد ۽ عورت ڀارتي ي??ترين جو قافلو واهگه بارڊر جي ذريعي صبح اٽڪل 11 وڳي پاڪستان ۾ داخل ٿيو ۽ اتان لاهور هوائي اڏي کان هوائي جهاز ذريعي پشاور هوائي اڏي پهتو جتان اهو قافلو پشاور کان ٽيري جي لاءِ روانو ٿيو.
ڀارتي ياترين جو گروپ مذهبي رسمون ادا ڪرڻ جي لاءِ ٽيري ڪرڪ پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے