اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته اسان جي تاريخ ۾ 23 مارچ جهڙو ڪو به ڏينهن نه آهي ڇو ته ان ڏينهن اسان جي بزرگن فيصلو ڪيو هو ته غير ملڪي حڪمرانن ۽ متعصب اڪثريت جي غاصباڻي طرز عمل کي شڪست ڏئي پنهنجي قسمت جا مالڪ پاڻ بڻجون، اهڙن خيالن جو اظه??ر صدر جمعي ڏينهن هتي پريڊ گرائونڊ ۾ يوم پاڪستان جي موقع?? تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقع?? تي سوشلسٽ جمهوريه سريلنڪا جي صدر ميٿري پالاسري سينا، وزيراعظم شاهد خا??ان عباسي، چيئرمين جوائنٽ چيف آف آرمي ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، ايئر چيف مارشل مجاهد انور خا??، نيول چيف ظفر محمود عباسي، دفاع وارو وزير انجنيئر خرم دستگير خا??، مختلف ملڪن جا سفير، پارليامينٽ جا ميمبر، وفاقي وزير، مختلف ملڪن جي فوجي آفيسرن سميت عوام جو هڪ وڏو تعداد شرڪت ڪئي، صدر چيو ته 23 مارچ 1940ع تي اسان جي بزرگن هڪ اهڙو جديد، مضبوط ۽ جمهوري ملڪ بڻائڻ جو عزم ڪيو هو جتي ڪير ڪنهن تي ظلم نه ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪنهن جو استحصال ڪيو وڃي، اسان ان خواب کي حقيقت بڻائڻ جي لاءِ جدوجهد ۾ قربانيون پيش ڪندڙ پنهنجي قائدين، بزرگن، شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر چيو ته اها شاندار پريڊ اسان جي خوابن جي هي هڪ حسين تعبير آهي، هن چيو ته هن اهم ترين قومي ڏهاڙي جي موقع?? تي اسان جا بهترين دوست به پريڊ سميت پاڪستان جي ڏهاڙي جي ٻين تقريبن ۾ شريڪ آهن ۽ ان مقصد جي لاءِ سريلنڪا جو صدر ميٿري پالاسري سينا به خصوصي طور تي پاڪستان آيو آهي جنهن تي سڄي پاڪستاني قوم سندس آجيان ڪري ٿي.
صدر پاران پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پريڊ گرائونڊ ۾ تقريب کي خطاب
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania