??سل??م آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته 37 پارليامينٽ جي ميمبرن جي حوالي سان سامهون ايندڙ دستاويز جعلي آهي، اسان ان جي تحقيقات ڪ??ي رهيا آهيون ته حڪومت جي نالي تي دستاويز ۾ ڪنهن جعلسازي ڪئي، اسان ميڊيا جي ڪنهن حصي تي دٻاءُ نٿا وجهڻ چاهيون، پيمرا جي قان??ن موجب ان جعل سازي جي جاچ ٿي رهي آهي پر جن ميمبرن جا نالا ان فهرست ۾ آيا آهن انهن طرفان ڳڻتي درست آهي، ان جي استحقاق وا??ي رٿ وڌيڪ ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪئي وڃي، ان قدم سان نه صرف ايوان پر م??مبرن جي به بدنامي ٿي آهي. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايوان جي 37 ميمبرن جي خلاف هڪ نجي ٽي وي چينل تي الزام لڳائڻ جي حوالي سان آگاهه ڪيو ته ان باري ۾ حقيقتون سامهون آڻڻ ضروري آهي.
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena