يوڪوهاما – 06 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان مائيڪرو اڪنامڪ استحڪا?? حاصل ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي پائيدار ا??تصادي واڌويجهه تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، مائيڪرو اڪنامڪ استحڪا?? حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان هاڻي پنهنجي اقتصادي حڪمت عملي تحت وڌيڪ ??اڌويجهه جي شرح رکندڙ پائيدار ا??تصادي ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي 50 هين سالياني ۽ بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي موقعي تي وڌندڙ عدم برابري جي موضوع تي گول ميز مذاڪري کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسرندڙ ملڪن گذريل ٻن ڏهاڪن دوران غربت جي شرح ۾ گهٽتائي جي حوالي سان نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، سڄ?? دنيا ۾ هڪ لک 24 هزار ماڻهو ??وز??نو غربت مان نڪري رهيا آهن ۽ ايشيا ۾ بهترين اقتصادي ترقي جي ڪري غربت جي خاتمي جي شرح ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي.
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا