اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لا??ِ سمورن ملڪن خاص طور تي پاڙيسرين سان دوستاڻن لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه نون مقرر ٿيل مختلف ملڪن جي سفيرن سان ڳالهائيندي چئي جن صدر کي ايوان صدر ۾ منعقد پروقار تقريب ۾ پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. 5 ملڪن جي سفيرن ۽ هڪ هاءِ ڪمشنر صدر کي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون، سندون پيش ڪندڙ ملڪن جي سفيرن ۾ برطانيا جو هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو، انڊونيشيا جو سفير ڊاڪٽر آئيون سيودهي امري، جاپان جو سفير تاڪاشي ڪورائي، ارج??ٽا??ن جو سفير آئيوا?? ايوانيسيوچ، ايڪواڊور جو سفير انجنيئر همبر ٽو ونيوز اروڊ رگيوز ۽ الٿوانيا جو سفير آدريس ب??زگ?? شامل هئا.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2