اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي سند?? اولين ترجيح آهي، صوبي کي پاڪ چين اقتصادي لنگهه مان تمام گهڻا فائدا حاصل ٿيندا، اسان جو مقصد صوبي کي ملڪ جي باقي حصن جي برابر آڻڻ آهي. هن ??ها ڳالهه سينيٽر مير حاصل خان بزنجو سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي عدالتي ڪميشن جوڙڻ ج?? سندس فيصلي جي مڪمل تائيد ڪئي. وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ م??ر حاصل بزنجو بلوچستان جي عوام لاء?? وڏي پئماني تي بنيادي ڍانچي جي ترقي جي منصوبي ۽ فلاحي اسڪيمون شروع ڪرڻ تي وزيراعظم کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا