گڏيل قومون-24 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت امدادي اداري (يو اين آر ڊبليو اي) اتر غزه ۾ فوري جنگ بندي جي دردمنداڻي اپيل ڪندي چي?? آهي ته اسرائيل طرفان گذريل ٽن هفتن کان ڪنهن به وقفي کانسواءِ جاري بمباري ??بب علائقي ۾ هر طرف لاش وکريل آهن، امدادي ڪارروايون ناممڪن ٿي چڪيون آهن ۽ جيڪي ماڻهو زنده آهن انهن وٽ موت جي انتظار کانسواءِ ڪو آپشن باقي ناهي بچيو. يو اين آر ڊبليو اي جي ڪمشنر جنرل فلپ لازا ريني سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چي?? ته مسلسل اسرائيلي فوجي ڪاررواين ??بب اتر غزه جي رهواسين کي خوراڪ، پاڻي ۽ طبي سهولتن جي فراهمي ناممڪن ٿي چڪي ??هي، اتي روڊن تي ۽ ملبي هيٺان لاش ئي لاش آهن ۽ انهن کي دفنائڻ ۽ زنده بچي ويلن کي امدادي جي فراهمي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي، اتي موجود ماڻهو رڳو موت جو انتظار ڪري رهيا آهن، هو پاڻ کي نااميد ۽ اڪيلو محسوس ڪري رهيا آهن ۽ هر گذرندڙ لمحو موت جي خوف ۾ زنده رهڻ تي مجبور آهن. هن چي?? ته اتر غزه ۾ اسرائيلي طرفان يو اين آر ڊبليو اي (انروا) جي عمارتن کي حملن جو نشانو بڻائڻ ??بب اتي بي گهر، زخمي ۽ بي يارو مددگار ماڻهن جي مدد ناممڪن ٿي چڪي ??هي. هن جو چوڻ هو ته غزه ۾ پنهنجي عملي طرفان فوري طور تي جنگ بندي جو مطالبو ڪري رهيو آهيان جيڪو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ڇو ئي نه هجي ته جيئن انهن خاندانن لاءِ محفوظ انساني رستي کي ممڪن بڻائي سگهجي جيڪي ??لائقو ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن وڃڻ چاهين ٿا.
اتر غزه ۾ هر طرف لاش، سهولتون اڻ لڀ، گڏيل قومن جي امدادي ادارن طرفان فوري جنگ بندي جي دردمنداڻي اپيل
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ