ماسڪو-04 آڪٽوبر(اي پي پي )روس اسرائيل ۾ موجود پنهنجن شهرين کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل ۾ روس جي سفير اناتولي وڪٽروف خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب روس جي شهرين تي زور ڀريو ??هي ته هو اسرائيل ڇڏي ڏين. اناتولي وڪٽروف وچ اوڀر ۾ تيزي سان وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو . روس جي سفير چيو ته اسان اسرائيل ۾ موجود پنهنجن شهرين کي مشورو ڏئي رهيا آهيون ته جيستائين اتان باقاعده اڏامون هلي رهيون آهن ملڪ مان نڪري وڃن. اناتولي وڪٽور فروسي شهرين تي زور ڀريو ??هي ته هو اسرائيل جي سفير بابت فيصلو ڪرڻ کا?? اڳ پنهنجي زندگي ۽ صحت تي لاڳو خطرن تي غور ڪن. روس جي سول ايوي ايشن ايجنسي جي سفارشن موجب ڪي??ريون ئي روسي ايئرلائنز هن هفتي جي شروعات ۾ اسرائيل – ايران ۽ عراق لاءِ اڏامون ملتوي ڪيون آهن. ان کا?? اڳ روس جي نائب وزيراعظم کي کڻي ويل دوحه ويندڙ جهاز کي اسرائيل ۾ ايراني ميزائل حملي سبب رستي ۾ موڙيو ويو جنهن کا?? پوءِ اهو جهاز واپس روس اچي ويو هيو.
روس پاران پنهنجن شهرين کي اسرائيل ڇڏڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná