ڪوپ?? هيگن _2 آڪٽوبر (اي پي پي ) ڊينمارڪ ۾ اسرائيلي سفارتخاني ويجهو ڌماڪا ٿيا آهن پر انهن ۾ ڪنهن جي شخص جي مارجي وڃڻ يا زخمي ٿيڻ جو ڪو اطلاع ناهي مليو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊينمارڪ جي گادي واري شهر ڪوپ?? هيگن جي ??تر پاسي جي پسگردائي ۾ اسرائيل جي سفارتخاني ويجهو 2 ڌماڪا ٿيا . ڊينمارڪ جي پوليس ڌماڪن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ان جي جاچ جاري آهي . ڪوپ?? هيگن پوليس ايڪس تي پنهنجي پي??ام ۾ چيو ته انهن ڌماڪن ۾ ڪنهن شخص جي مارجي وڃڻ يا زخمي ٿيڻ جو ڪو اطلاع ناهي مليو ۽ اسان واقعي واري هنڌ تي شروعاتي جاچ ڪري رهيا آهيون. ميڊيا موجب ڪوپ?? هيگن ۾ اسرائيلي سفارتخاني جي عملي ان واقعي تي فوري طور تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج