اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته ترقي يافته جمهوريتن ۾ اتفاق راءِ سان حل ڳوليو وڃي ٿو، جمهوري قوتون جڏهن پاڻ ۾ وڙهن ٿيون ته غيرجمهوري قوتن جو ڪردار وڌي وڃي ٿو، هن وقت بحران واري صورتحال آهي، اهڙي صورت ۾ عدالتي سڌاراجاتي قانون آڻڻ مناسب وقت نه آهي، ملڪي سياست ۾ پولرائيزيشن ۽ ويڙهه کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيس، نئين آرمي چيف سان عمران خان جي ملاقات جي ڳالهه نه ڪئي، فوج جيڪڏهن سياست کان پري ٿيڻ چاهي ٿي ته سياستدان ان مان فائدو کڻن، ملڪ ۽ آئين کي بچائڻ تمام ضروري آهي، ڪنهن جي وڊيو يا آڊيو ليڪ ڪرڻ غيراخلاقي ۽ غيرقانوني آهي، اعزاز ڏيڻ وفاق يا صوبن جو نه صدر جو اختيار آهي جنهن جي ڪافي عرصي کان خلاف ورزي ٿي رهي اهي، عمران خان دور ۾ به ان معاملي جي نشاندهي ڪئي هئي. هو نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏئي رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته هن وقت بحران واري صورتحال آهي، اهڙي صورت ۾ عدالتي سڌاراجاتي قانون آڻڻ مناسب وقت نه آهي، هن بل جي ٽائمنگ بهتر ڪري سگهجي پئي، هن بل جي ڊرافٽ کي پڙهيو آهي، ايوان مان ٿي اچڻ کانپوءِ مون وٽ ايندو ته ان وقت ڏسندس ته ان تي ڪهڙو فيصلو ڪيو وڃي، منهنجي ڪوشش هوندي ته منهنجو ڪردار بحران حل ڪرڻ وارو هجي. هن چيو ته جڏهن انسان تي دٻاءُ پوي ٿو ته هو پريشان ٿي وڃي ٿو، پي ٽي آءِ جي ليڊر به دٻاءُ جي وقت ڪجهه لفظ ادا ڪيا هئا اهي لفظ ادا نه ڪرڻ گهرجن ها. اهڙي طرح جڏهن ادارن تي دٻاءُ پوي ٿو ان ۾ ڪريڪس نظر اچڻ ??ڳن ٿا، ان جي ڪري اسان سمجهون ٿا ته انسان تي اهڙي طرح جو دٻاءُ نه وڌو وڃي، اها ڪيفيت جهڙي انسانن تي آهي ائين ئي ادارن تي آهي. هن چيو ته آئين ٺهڻ جي چار سالن کانپوءِ ويڙهيو ويو، ٻيهر بحال ٿيو ۽ ٻيهر مختلف وقتن ۾ آئين معطل رهيو. هن چيو ته اهو سپريم ڪورٽ فيصلو ڪندي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چونڊن جي ??اريخ کي تبديل ڪري سگهي ٿي، باقي ادارن ۾ به پاڻ ۾ ورڇ نه ٿيڻ گهرجي، ميڊيا رپورٽس موجب ڪنهن اداري سيڪيورٽي کان معذرت ڪئي ته ڪنهن چيو ته پئسا نه ٿا ڏئي سگهون ته ڪنهن چيو ته آر اوز نه ٿا ڏئي سگهون. هن هڪ سوال جي ??واب ۾ چيو ته پاڪستان جي ??ئين ۾ اسيمبليون تحليل ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن جو مدو لکيل آهي، ذوالفقار علي ڀ??و پڻ اليڪشن جو اعلان ڪيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته ججز تي به مشڪل وقت آهي، پاڻ ۾ حصيداري پيدا ڪن، پنهنجا معاملا ٻاهر اچن ته فيصلن تي ڳالهين ڪيون وڃن ٿيون. هن چيو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون سامهون آيون، مون وزيراعظم کي انساني حقن جي ??والي سان جيڪو خط لکيو ان کي غلط ڏس ۾ ورتو ويو، مون ان خط ۾ 22 – 2021ع ۾ انساني حقن جي ??لاف ورزين جي ڳالهه ڪئي جڏهن ته اهو پي ٽي آءِ جو دور هو، مون چيو ته انهن شين ۾ بهتري اچڻ گهرجي، مون کي وزيراعظم جي ??واب تي افسوس ٿيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ??ور ۾ جيڪڏهن ڪو اهڙي طرح جو واقعو ٿيو ته آئون سڌوسنئون انساني حقن واري وزير سان ڳالهه ڪري ڇڏيندو هئس، ان دور ۾ به ڪيتريون ئي وضاحتون گهريون ويون، هاڻي ان ليول تي ڪا ڳالهه ئي نه ٿي ٿئي. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون ڪو تمغو نه ٿيون ڏئي سگهن، رڳو صدر تمغو ڏئي سگهي ٿو، پي ٽي آءِ جي ??ور ۾ به ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي آهي، اهو معاملو ايڊوائس بابت آهي، عمران خان حڪومت ۾ به ڪيترن ئي ايوارڊز جي ??لاف هئس. هن چيو ته عدليه ۾ ورڇ اڳ کان آهي، ذوالفقار علي ڀ??و جي فيصلي کانپوءِ ڏسي وٺو، صفدر شاهه کي ملڪ ڇڏڻو پيو، عدالتن ۾ 100 سيڪڙو اتفاق راءِ ناهي هوندو، فيصلي ۾ ورڇ ٿي سگهي ٿي پر ذات جي ??نياد تي ورڇ ٿيڻ نه گهرجي ۽ اناءَ به نه هجڻ گهرجي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته ٻن ماڻهن جي وچ ۾ ذاتي ڳالهه ٻولهه ڪنهن ٻئي جي لاءِ نه آهي، ان معاملي تي ڪيترائي ڀ??را پارليامينٽ جي ??ندر خطاب ۾ به روشني وڌي، ڪنهن جي وڊيو يا آڊيو ليڪ ڪرڻ غيراخلاقي ۽ غيرقانوني آهي، ڪال ٽيپ ڪندڙ ادارن کي احتياط ڪرڻ گهرجي، رڳو دهشتگردن جي ڪال ٽيپ ٿيڻ گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي هڪ سوال جي ??واب ۾ چيو ته منهنجي ??واهش اڳ ۾ به اها ئي هئي ته پولرائيزيشن جيڪا خطرناڪ آهي ان کي گهٽ ڪيو وڃي، جهيڙا گهٽ ٿي وڃن پر منهنجي ڪوشش ڪامياب نه ٿي سگهي. هن چيو ته نئين آرمي چيف جي ??مران خان سان ملاقات جي ڪا ڪوشش نه ڪئي، ان سان ملاقات دوران معاملن کي بهتر ڪرڻ جي ڳالهه ٿيندي آهي. هن چيو ته فوج جيڪڏهن سياست کان پري ٿيڻ چاهي ٿي ته سياستدان ان مان فائدو کڻن. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته شملا معاهدي، 1973ع جي ??ئين ۾ ذوالفقار علي ڀ??و جو اهم ڪردار رهيو، آئين جي ??اقت عوام آهي. هن چيو ته ڪنهن جي نااهلي مسئلي جو حل نه آهي، ڪنهن پارٽي تي پابندي نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته بينظير ڀٽو کانپوءِ ملڪ کي استحڪام طرف وٺي وڃڻ جو ڪريڊٽ آصف علي زرداري ڏانهن وڃي ٿو، ان وقت هن پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو.
ترقي يافته جمهوريتن ۾ اتفاق راءِ سان حل ڳوليو وڃي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania