پشاور – 15 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي صوابي ۾ راشد ميمو??يل ويلفيئر آرگنائيزيشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هن صوابي جي علائقي عالم آباد ۾ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پٺتي پيل علائقن ۾ اهڙي طرح جي آرگنائيزيشنز ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪنديون. هن چيو ته عورتن جي تعليم ??نتهائي ضروري آهي عورتون پڙهنديون ته نئين نسل کي ماءُ جي هنج مان تعليم ??ان ليس ڪندي، هتي هزارين ٻارن جي لاءِ تعليم ??ا دروازا کلي رهيا آهن، اسٽريٽ چلڊرنز کي به تعليم ڏيڻ گهرجي، ان جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته اسان جي ملڪ ۾ اڃا به تعليم جي شرح تمام گهٽ آهي، عمارت مان تعليم ??اصل نه ٿي ٿي سگهي ٽيچرز سٺا ۽ محنتي هجڻ گهرجن. خاتون اول چيو ته راشد ميمو??يل کي وڌيڪ ڳوٺاڻن علائقن تائين سگهه ڏيڻ گهرجي، عورتن کي تعليمي ۽ مالياتي لحاظ کان خودمختيار هجڻ گهرجي ۽ انهن کي تعليم ??ان گڏ هنر به سيکارڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ٽيچرز جي تربيت تمام ضروري آهي ته جيئن اهي اڳتي ٻارن کي بهتر طور تي پڙهائي سگهن، ان سان گڏوگڏ استادن جي عزت به تمام ضروري آهي. هن چيو ته راشد ميمو??يل آرگنائيزيشن ٻارن جي تعليم ??ان گڏوگڏ ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن کي صحت جون بهتر سهولتون پڻ فراهم ڪري رهي آهي جنهن جي جيتري تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته صوابي جي مقامي ڪميونٽي کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿي ته اها راشد ميمو??يل ويلفيئر آرگنائيزيسن جو ساٿ ڏين ته جيئن اهي توهان جي ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ۽ انهن جي بهتر صحت ۾ توهان جي مدد ڪري. هن چيو ته اسان کي گڏجي هن ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان به ترقي ڪريون ۽ اسان جو ملڪ به ترقي جون منزلون طئي ڪري.
خاتون اول ثمينه عارف علوي پاران صوابي ۾ راشد ميموريل ويلفيئر آرگنائيزيشن جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش