اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) ٿائيلينڊ ٽيڪسلا ميوزيم کي ٻُڌ جي هڏين جي آثارن لاءِ هڪ جديد ترين ڪنٽينر تحفي ۾ ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس موجب اهو ڪنٽينر ٽيڪسلا ميوزيم ۾ هڪ تقريب ۾ حوالي ڪيو ويو. تقريب ۾ ٿائيلينڊ جي سفارتخاني جي سفارتڪارن، پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن ۽ ٽيڪسلا ميوزيم جي ڊائريڪٽر شرڪت ڪئي. ٿائيلينڊ جي سفير چڪريڊ ڪراچائي وونگ، ايڊيشنل سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) ۽ ترجمان ممتاز زهره بلوچ کي ڪنٽينر پيش ڪيو جنهن پاڪستان پاران ان کي وصول ڪيو. مقدس آثار سان گڏ ڪنٽينر ٽيڪسلا ميوزيم ۾ مستقل ن??ائش جي لاءِ رکيو ويندو. ٽيڪسلا جو ق??يم شهر ٻڌ مت جي تاريخ ۾ هڪ خاص اهمي?? رکي ٿو.
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ