اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ميڊيا ڪنهن به رياست جو اهم ٿنڀ آهي، حڪومت صح??فين جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ حڪومت کي صح??فين جي تحفظ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، پاڪستان صح??فين جي تحفظ جي لاءِ ضروري قانونسازي ڪئي آهي، ارشد شريف جو قتل افسوسناڪ واقعو آ??ي جنهن تي ڪينيا جي صدر سان پاڻ ڳالهه ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڪميشن جوڙڻ جي لاءِ خط لکيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جرنلسٽ سيفٽي فورم تحت گڏيل قومن جي 10 سالا پلان آف ايڪشن جي حوالي سان منعقد تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي جرنلسٽ سيفٽي فورم جي چيئرمين ۽ سينيئر صح??في حامد مير، ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لائنلف، ناروي جي سفير پرالبرٽ الساس ۽ فرانس جي سفير نڪولس گيلي پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ مختلف ملڪن جا سفير ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کانسواءِ سينيئر صح??في پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته صح??فين جي تحفظ جي حوالي سان هي اهم تقريب آهي، پاڪستان ۾ ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ معاشري جي مختلف طبقن جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي اهم معاملو رهيو آهي ۽ ان جي لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي وئي آهي. وزيراعظم اظهار راءِ جي آزادي ۽ حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪندڙ صح??فين کي ساراهيو ۽ چيو ته انهن جي جدوجهد جو نه رڳو پاڪستان پر عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته ارشد شريف جو قتل افسوسناڪ واقعو آهي، ڪينيا جي صدر سان مون پاڻ ان معاملي تي ڳالهه ڪئي ۽ پرڏيهي وزير به ارشد شريف جي معاملي ۽ ان جي لاش کي وطن واپس آڻڻ جي لاءِ ڪينيا جي عملدارن سان رابطي ۾ رهيو. مون سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڪميشن جوڙڻ جي لاءِ خط پڻ لکيو. وزيراعظم چيو ته جمهوريت ۽ ميڊيا جي آزادي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي. پاڪستان ۾ 33 سال ڊڪٽيٽرشپ رهي پر پاڪستان جمهوري ملڪ آهي ۽ رهندو. پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ ميڊيا جي آزادي جي لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي وئي آهي. وزيراعظم 1973ع جي آئين کي سياسي قيادت جي اتفاق راءِ جو ??ظه?? قرار ڏيندي چيو ته اختلافن جي باوجود مقدس مقصد جي لاءِ ذاتي پسند ۽ ناپسند کان مٿانهون ٿي سياستدانن هڪ آئين تي اتفاق ڪيو، جيڪو سڀني کي جوڙڻ واري هڪ طاقت آهي. 1973ع جو آئين هڪ مقدس دستاويز آهي. ميڊيا جمهوري حڪومت جو اهم ٿنڀ آهي ۽ صح??في برادري منهنجي دل جي ويجهو آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان صح??فين جي تحفظ جي لاءِ وفاق ۽ سنڌ ۾ قانون منظور ڪيو. اسان جي حڪومت بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ صح??فين جي تحفظ جي لاءِ قانونسازي جي حمايت ڪندي. وزيراعظم چيو ته گذريل سال ??ار??يامينٽ ۾ صح??فين جي تحفظ جو قانون اتفاق راءِ سان منظور ڪيو. هن چيو ته ان ۾ سيڪشن 6 جي اضافي جي معاملي جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته اظهار راءِ جي آزادي آئين ڏني آهي ۽ صح??فين جو تحفظ ۽ سلامتي يقيني بڻائڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به صح??فين ۽ ميڊيا کي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ چئلينجز درپيش آهن. لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان حڪومت ان حوالي سان ضروري قدم کڻندي. وزيراعظم يورپ سميت دنيا جي مختلف ملڪن سان وا??ار?? لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ڇو ته ان کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهجي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته جرنلسٽ سيفٽي فورم صح??فين کي درپيش مسئلن جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندو. ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي.
ميڊيا ڪنهن به رياست جو اهم ٿنڀ آهي، حڪومت صحافين جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena