اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف افغان گادي واري شهر ۾ تعليمي مرڪز ۾ خودڪ?? حملي ۾ جاني نقصان تي گهري ??ک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان ظلم ۽ ڏاڍ کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي، دهشتگردي جي بدلجندڙ خطري جي خلاف عالمي تعاون مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ڪابل ۾ تعليمي مرڪز ۾ خودڪ?? حملي ۾ جاني نقصان تي گهري ??ک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سوڳوار خاندانن ۽ افغان عوام سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته جيئن ته هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ به چيو هو ته دهشتگردي نه رڳو افغانستان ۽ پاڪستان پر دنيا جي لاءِ خطرو آهي. دهشتگردي جي خطري جي خلاف عالمي تعاون کي مضبوط بڻ??ئڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria