اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد چيو آهي ته گڏيل قومن جو سيڪ??يٽ??ي جنرل انتونيو گوٽريس پاڪستان جي لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار طور اڄ جمعي ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان ايندو، گڏيل قومن جو سيڪ??يٽ??ي جنرل وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ۽ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري کانسواءِ ٻوڏ کان شديد متاثر علائقن جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس ب??يفنگ ۾ چيو ته گڏيل قومن جو سيڪ??يٽ??ي جنرل وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات کانسواءِ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو دورو ڪند?? جڏهن ته هو وزيراعظم سان گڏيل پريس ڪانفرنس پڻ ڪندو. انتونيو گوٽريس پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندا. گڏيل قومن جو سيڪ??يٽ??ي جنرل ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ بلوچستان ۽ سنڌ جي علائقن (سکر، موهن جو دڙو، لاڙڪاڻو ۽ اوستا محمد،) جو پڻ دورو ڪندو جتي هو امدادي ڪمن ۾ شروع کان سرگرم ڪارڪنن سان ملاقات کانپوءِ ٻوڏ سبب بي گهر ٿيندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. گڏيل قومن جو سيڪ??يٽ??ي جنرل ٻوڏ سٽيل علائقن جي صورتحال جو پاڻ مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ هو جمعي جي شام ڪراچي ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو.
گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل اڄ جمعي تي ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچندو، سکر، موهن جو دڙو ۽ لاڙڪاڻو جو دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت