اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هٿياربند فوج لاتعداد قربانيون ڏئي ملڪ کي ٻاهرئين ۽ اندروني خطرن کان ڪاميابي سان محفوظ ڪيو آهي ۽ هر قسم جي آفتن ۾ سول انتظاميا جي مدد ڪئي آهي، جوانن کان وٺي جنرل تائين ڪنهن جي حب الوطني تي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، پاڪستان ۾ مقرر ٿيندڙ سمورا آرمي چيف محب وطن آهن. صدر پاڪستاني عوام، ادارن ۽ ميڊيا تي زور ڏنو ته اهي ان معاملي تي شڪ شبها ۽ تڪرار پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪن. صدر اهڙن خي??لن جو اظهار گورنر هائوس پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته بطور صدر مون کي موجوده حڪومت س??يت رياست جا سمورا ادارا عزيز آهن ڇو ته سمورن ادارن جي اونرشپ صدر جي ذميواري آهي. پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي روشني وجهندي صدر ٻوڏ واري پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ جاني، معاشي ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ نقصان کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ??ڏا ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ذخيرو ٿيل پاڻي کي شهري مرڪزن کي سپلائي سان گڏوگڏ زراعت جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. صدر چيو ته اتر ۾ دريائن جي ڪنارن تي قبضن ۽ غيرقانوني اڏاوتن جي ڪري دريائي رستو رڪجي وڃڻ جانين ۽ ملڪيتن جي نقصان جو هڪ وڏو سبب آهي. هن حڪومت تي زور ڏنو ته اها ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته مستقبل ۾ ٻوڏ جي اث??ن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ??ڻ درياءَ جي رستي تي ڪي قبضا نه ڪيا وڃن. هن چيو ته حڪومت بلوچستان ۾ اٽڪل 800 پاڻي ذخيرا ۽ ڊيلي ايڪشن ڊيم ٺاهڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي ته جيئن برساتن ۽ ٻوڏ واري پاڻي کي محفوظ ڪر?? سگهجي، مستقبل ۾ ٻوڏ کي ڪنٽرول ڪر?? سگهجي ۽ گڏ ئي زمين هيٺ پاڻي جي ذخيرن کي ڀر?? سگهجي. صدر چيو ته پاڪستان کي برساتن ۽ گليشيئرز جي پگهڙڻ سان ساليانو 150 ايم اي ايف پاڻي ملي ٿو، جنهن جو وڌيڪ موثر طريقي سان انتظام، ورڇ ۽ ذخيرو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ پاڻي بابت مسئنل کي حل ڪرڻ جي لاءِ دريائن ۽ پاڻي وسيلن بابت موجوده ادارن کي مضبوط ۽ موثر بڻائڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته مصنوعي ذهانت، ٽيلي ميٽري سسٽم ۽ سيٽلائيٽ انهن موثر اوزارن ۾ شامل آهن جيڪي پاڻي جي ورڇ جي نظام ۾ وڌيڪ شفافيت آڻڻ ۾ مدد ڪر?? سگهن ٿا. صدر چيو ته گليشيئرز خطرناڪ رفتار سان پگهڙي رهيا آهن جنهن سان شديد نقصان ٿيو آهي. ٻوڏ جي امداد جي ورڇ ۾ بدعنواني جي امڪانن بابت س??ال جي جواب ۾ صدر چيو ته ڪرپشن جي الزامن ۽ واقعن کان بچڻ جي لاءِ ??وڏ جي فنڊز جي استعمال ۽ منصوبن تي عملدرآمد ۾ شفافيت ۽ منصفاڻي عمل جي ضرورت آهي. هڪ ٻئي سوال تي صدر چيو ته خيبرپختونخواهه، سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي اسيمبلين ڪالاباغ ڊيم جي تعمير جي خلاف قرادادون پاس ڪيون آهن، ڪالاباغ ڊيم جي تعمير تي لاڳاپيل ادارا ڌرين سان گڏجي نئين سر غور ڪر?? سگهن ٿا ته جيئن انهن جي موقف کي سمجه?? سگهجي ۽ شڪ ۽ شبهن کي ختم ڪر?? سگهجي ۽ اتفاق راءِ ??يدا ڪر?? سگهجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته سياسي طور تي پولرائيزڊ ۽ چارج ماحول جي وچ ۾ هو ڪنهن اداري يا شخصيت بابت ڪو تڪرار پيدا نه ٿو ڪرڻ چاهي ۽ ڪنهن به قسم جي تبصري يا بيانن کي حوالي ۽ حقيقت کان هٽي ڪري نشر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته پردي پويان هو سياسي پولرائيزيشن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڌرين جي وچ ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سندس ڪوشش جو واحد مقصد ڌرين جي وچ ۾ موجود بدگمنانين ۽ غلط فهمين کي سمجهڻ ۽ ختم ڪرڻ آهي ته جيئن انهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻ?? سگهجي ۽ عظيم تر قومي مفاد ۾ اهم معاملن تي وچولو رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪر?? سگهجي.
جوانن کان وٺي جنرل تائين ڪنهن جي حب الوطني تي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، پاڪستان ۾ مقرر ٿيندڙ سمورا آرمي چيف محب وطن آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ